بريڪنگ نيوزسنڌ

فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتار مُک جوابدار اسد شاهه عدالت ۾ پيش، نينگريءَ جي قبرڪشائي جو حڪم

راڻي پور (رپورٽ : فاروق دايو) راڻي پور حويلي اندر قتل ٿيل 10 ساله  نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل جو مُک جوابدار پير سيد اسد شاھ عدالت ۾ پيش، چئن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، مون فاطمه کي قتل ناھي ڪيو، نه ئي ان مٿان ڪو تشدد ڪيو آھي، فاطمه منھنجي ئي ڪمري ۾ سمھندي ھئي، مون مٿان بي بنياد الزام لڳايا ويا آھن،  اسد شاھ جو عدالت ۾ بيان، نينگريءَ جي پوسٽ مارٽم لاءِ قبرڪشائي جي درخواست عدالت ۾ داخل ڪئي آھي، عدالتي حڪم تي جلد ئي قبر ڪشائي ڪئي ويندي، اسد شاھ جي ڪمري جا وڌيڪ سي سي ٽي وي فوٽيجز ھٿ ڪري انڪوائري ڪري رھيا آھيون، حنا شاھ کي به جلد گرفتارڪيو ويندو. راڻي پور جي پير سيد اسد علي شاھ جي حويلي مان 10 سالا نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل وارو معاملو واقعي جو مُک جوابدار پير سيد اسد علي شاھ کي ريمانڊ لاءِ راڻي پور جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. جتي ڪورٽ سڳوريءَ جوابدار سيد اسد علي شاھ کي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي ڪورٽ اندر جج جي ڪيل سوالن جي جواب ۾ اسد شاھ چيو ته مون مٿان نينگريءَ کي تشدد نه ڪيو آھي. گھر اندر رھندڙ ٻين مريدن ۽ ٻانھن ۾ جھيڙي دوران ڌڪ لڳڻ جا نشان موجب آھي. باقي مون ھن مٿان ڪو به تشدد ناھي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته سي سي ٽي منھنجي ئي ڪمري جا آھن. جنھن بعد کيس وڌيڪ جاچ لاءِ کيس کي پوليس حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اي ايس پي نعمان ظفر چيو ته جوابدار کي اسان رات جي پھر ۾ گرفتار ڪيو هو جنھن بعد اڄ ريمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو آهي. جنھن تي عدالت 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جوابدار کي اسان حوالي ڪيو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button