بريڪنگ نيوزقومي

ليگي وفد جي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن سان ملاقات، عام چونڊن تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته 14 ڊسمبر کان پوءِ 54 ڏينهن جمع ڪريو اليڪشن جي تاريخ نڪري ايندي جمعي تي (ن) ليگي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ سياسي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي احسن اقبال چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين مطابق اليڪشن ڪرائڻ جو پابند آهي اليڪشن ڪميشن جي دعوت تي ايندڙ چونڊن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي اليڪشن ڪميشن پنهنجي تيارين تي بريفنگ ڏني هن چيو ته اليڪشن ڪميشن خاطري ڪرائي آهي ته سياسي پارٽين سان ضابطئه اخلاق شيئر ڪنداسين 2018 واري شڪايت جي ازالي لاءِ اليڪشن ڪميشن اثرائتا قدم کڻندي احسن اقبال چيو ته عورتن جون سيٽون وڌائڻ لاءِ به اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ايندڙ اليڪشن آئين ۽ قانون مطابق اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي (ن) ليگي اڳواڻ چيو ته ايندڙ اليڪشن ملڪ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي ووٽرز کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن تاريخ جو اعلان ڪري.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button