بريڪنگ نيوزسنڌ

حڪومتي پاليسي تي عمل ڪندڙ سينيئر آفيسرن کان عوام جون اميدون آهن: جسٽس(ر) باقر

ڪراچي (بيورو ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ جي سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس (SMC) جي 19 گريڊ جي آفيسرن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير وفد جي آجيان ڪندي صوبي جي ترقياتي پورٽ فوليو ۽ شهر ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال بابت ڄاڻ ڏني. وفد جو وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جو اسٽڊي دورو هو جنهن ۾ وڏي وزير شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا. وفد جي اڳواڻي ڊي جي محترمه لبنيٰ ڪئي جڏهن ته نگران وڏي وزير جي معاونت چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وزيراعليٰ هائوس ۾ سينيئر ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته توهان سڀ پاڪستان جي مختلف کاتن جا آفيسر ۽ ڪيڊر آهيو جن مان عوام جون وڏيون اميدون آهن. هن چيو ته سينيئر آفيسر حڪومتي پاليسي تي عمل ڪن ٿا ۽ انهن کي ملڪ جي ترقي، عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو وفد کي صوبي جي ترقياتي پروگرام بابت بريفنگ ڏني جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڪراچي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button