بريڪنگ نيوزسنڌ

ڇهين سنڌ ڪاليج گيمز 2024 جي ڪراچي ۾ تقريب منعقد

ڪراچي (بيورو) ڇهين سنڌ ڪاليج گيمز 2024 ضلعي ڏکڻ انٽرسٽي جي تقريب گورنيمنٽ ڪاليج ڪامرس اينڊ اڪنامڪسI- ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. ڪراچي 29 جنوري 2024:  ڪراچي ريجن جي ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر مصطفيٰ ڪمال ۽ سنڌ ڪاليجز گيمز ڪراچي ضلعي ڏکڻ ڪميٽي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر افشان ناز اڄ سنڌ گيمز انٽرسٽي ضلعي ڏکڻ گورنمينٽ ڪاليج ڪامرس اينڊ اڪنامڪسI- ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرسٽي ٽيبل ٽينس جي ٽورنامينٽ ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريجن ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي پروفيسر مصطفيٰ ڪمال چيو ته مونکي تمام خوشي ۽ فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪراچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي ۽ هو جنهن جوش ۽ جذبي سان انهن راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن انشاء الله جلد هو راندين جي ميدانن ۾ اڳتي وڌندا. ان موقعي تي سنڌ ڪاليج گيمز 2024 ضلعي ڏکڻ جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر افشان ناز چيو آهي ته ڪاليجز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجن ڪاليجن جو نالو روشن ڪرائڻ لاءِ وڏي محنت سان گڏ راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن ڪاليجن جي پرنسپالن کي چيو آهي ته هو ٻارن تي اڃا به وڌيڪ محنت ڪن ۽ انهن کي اهي سموريون سهولتون فراهم ڪن جنهن سان انهن جي راندين جي ڪارڪردگي ۾ اڃا به وڌيڪ بهتري اچي سگهي.  ٽورنامينٽ ۾ ڊي جي سائنس ڪاليج بوائز ۽ ايس ايم سائنس ڪاليج بوائز ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ ڊي جي سائنس ڪاليج بوائز پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر فرزانه مهمان خاص پروفيسر ڊاڪٽر افشان ناز کي اجرڪ ۽ گلن جو گلدستو پڻ پيش ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button