بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾ ايڇ يو جي پاران جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

حيدرآباد(سرهندي وٽان) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي ملڪ ۽ سنڌ سميت حيدرآباد ۾ به حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران ايڇ يو جي جي صدر اقبال ملاح، خزانچي جاني خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ شريڪ صحافين جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي پي ايڇ يو جي، جي صدر اقبال ملاح، خزانچي جاني خاصخيلي، منصور مري، ارشاد چنا، اشوڪ راماڻي، تنوير احمد آرائين ۽ چيو ته جان محمد مھر جي قتل واقعي کي 5 مھينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي پر افسوس اڃان تائين قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، نگران سنڌ سرڪار ۽ آئي جي سنڌ پوليس ڪيترائي ڀيرا وعدا ڪرڻ باوجود قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي، ھنن چيو ته قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ جا صحافي مسلسل 5 مھينن کان سراپا احتجاج بڻيل آھن پر افسوس حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آھن،  ھنن چيو ته ھاڻ سڄي ملڪ سميت سنڌ جا صحافي جيل ڀريو تحريڪ جو آغاز ڪندا، جيڪڏھن پوليس قاتل گرفتار نه ٿي ڪري سگھي ته پوءِ اسان صحافين کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو وڃي، ھنن چيو ته گذريل 5 مھينن کان ھي تحريڪ مسلسل ھلي رھي آھي ۽ اھا ان وقت تائين جاري رھندي جيستائين صحافي جي خون سان انصاف نه ٿيندو، مظاھري ۾ سينيئر صحافي وفا رضا، پير نظام جان سرھندي، ساجد علي خان، راجه انور چانڊيو، جان علي لغاري، عديل احمد، فيصل ڏاھري ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود ھئا، ھوڏانھن ايڇ يو جي بدين يونٽ پاران ھارون گوپانگ، شوڪت ميمڻ، شفيع جوڻيجو، عبدالمجيد ملاح، اختر کوسو، ايڇ يو جي ٽنڊو محمد خان يونٽ پاران رمضان شورو، عبدالڪريم نظاماڻي، قادر شورو، بشير چشتي، ايڇ يو جي ٺٽو يونٽ پاران خدا بخش بروھي، اسماعيل ميمڻ، ڌاٻيجي ۾ مقصود جوکيو، ايڇ يو جي ٽنڊو الھيار يونٽ پاران غلام رسول نھڙيو، امان الله کوکر،  ايڇ يو جي دادو يونٽ پاران ولي محمد لنڊ، گلڻ خان ڀنڊ، نظام شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button