بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس جو آپريشن،2 ڌاڙيل مارجي ويا،ٻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع

گهوٽڪي/ڏهرڪي/ميرپورماٿيلو(نمائندن وٽان) گهوٽڪي پوليس پاران رانوتي جي ڪچي ۾ مقابلي دوران  20 لک انعام رکيل ڌاڙيل رشيد شر مارجي ويو ، سندس ساٿي شيرو شر کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو ، پوليس ترجمان مطابق ته گهوٽڪي جي ڪچي واري ٿاڻي شهيد دين محمد لغاري (وسطي عنايت شاه) جي حد ڪچي ۾ ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو جي اڳواڻي ۾ پوليس جو ڏوهارين سان مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ رشيد شر پٽ مٺو شر طور ٿي آهي جڏنهن ته زخمي جي سڃاڻپ شير محمد عرف شيرو پٽ محمد شر طور ٿي، پوليس مطابق ته مارجي مارجي ويل ڏوهاري وٽان هڪ ڪلاشنڪوف پڻ هٿ ڪئي وئي آهي جنهن جا ٻيا ساٿي اونده جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا آهن، پوليس مطابق ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ۽ زخمي کي طبي امداد جي لاءِ اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيوويو، ان کان  پوءِ اتان رحيم يارخان منتقل ڪيو ويو، پوليس مطابق ته مارجي ويل ڏوهاري ۽ زخمي ڏوهاري پوليس کي مخلتف سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا جن مٿان وڌيڪ هڪ پوليس مقابلي جو ڪيس درج ڪيو ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري رشيد شر  ٿڏي تي مارجي ويو، شيرو شر زخمي ٿي پيو، شيرو شر کي علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو رائونتي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو جو چوڻ آهي ته شيرو شر 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت واري واقعي ۾ به ملوث هو،جڏهن ته ٻن ڌاڙيلن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ مليا جن کي ڌاڙيل پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button