بريڪنگ نيوزقومي

وفاقي گهرو وزير سان افغان ناظم الامو ر جي ملاقات، افغان شهرين جي وطن واپسي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (بيورو )نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتون  ۽ ٻارڙا بائيوميٽرڪ کان آجا هوندا. نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي سان افغان ناظم الامور  سردار احمد شڪيب ملاقات ڪئي.  ملاقات ۾  ٻه طرفو معاملا ۽ افغان شهرين جي پنهنجي وطن واپسي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نگران وزير چيو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي. گهرو وزير چيو ته هدايتون جاري  ڪيون آهن ته پنهنجي وطن واپس ويندڙن سان عزت احترام سان پيش اچڻ گهرجي. نگران وزير چيو ته پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان اسٽيشن   ڪارڊ رکندڙ ماڻهن جي خلاف ڪائي ڪارروائي عمل  ۾ نه پئي آندي وڃي. نگران گهرو وزير چيو ته ان ڏس ۾ ڪنهن ڪوتاهي ۽ بدتميزي کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته گهرو وزارت ۾ ان ڏس ۾ ڪنٽرول سينٽر ۽ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. افغان سفارتخانو هڪ نمائندو مقرر ڪري جيڪو شڪايتن جي فوري حل لاءِ ڪنٽرول سينٽر سان هر وقت رابطي ۾ رهي نگران گهرو وزير چيو ته ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتون ۽ ٻارڙا بائيو ميٽرڪ کان آجا هوندا.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button