بريڪنگ نيوزسنڌ

قادرپور ڀرسان پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد

گهوٽڪي( ڪ ر/شيخ وٽان) گهوٽڪي ويجهو قادرپور ڀرسان ڪچوٻنڊي ون ٿاڻي جي چوڪي تي ڌاڙيلن جو حملو هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، پوليس چوڪي ٽبي مائنر تي ڌاڙيلن جو حملو ٿيو ،جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار علي بخش پتافي شهيد ٿي ويو،موٽرسائيڪل تي سوار ڌاڙيلن جي ٽولي حملو ڪيو،پوليس پوسٽ تي حملي کانپوءِ ڦورن سرڪاري هٿيار به ڦر ڪري ويا آهن واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪار جو لاش تعلقي اسپتال گهوٽڪي پهچايو،جتي پوليس ۽ وارثن سميت شهرين جو وڏو انگ اسپتال پهچي ويو،شهيد اهلڪار جي جنازي نماز پوليس لائن ميرپورماٿيلو ۾ ادا ڪئي وئي،شهيد جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهوڙو، اسپيشل برانچ ڊويزن سکر جي ايس ايس پي عبدالستار ڦل،ضلعي گهوٽڪي جا  ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز سميت صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،جڏهن شهيد مڙهه کي ايمبولينس ذريعي آبائي ڳوٺ ۾ ٻيهر جنازي نماز ادا ڪئي وئي، آبائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُحوالي ڪيو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button