بريڪنگ نيوزسنڌ

مقصودورند ۾ پير سيد شاهه مردان شاهه رحه جي سالگرهه تقريب منعقد

مقصودورند (ن م)  مقصودورند ۾ حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي بادشاهه جي سالگره ملهائي وئي. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل يونٽ مقصودورند پاران تعلقي شھدادپور جي نائب صدر الطاف حسين رند جي ميزبانيءَ ۾ حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي بادشاهه جي سالگرهه جي سلسلي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي ماهي خان وساڻ، فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي شھدادپور جي صدر غلام مصطفيٰ ڪيريو، ايم ايس ايف سنڌ جي آرگنائيزر محسن علي هنڱورو، الطاف حسين رند، مختيار حسين رند، رئيس امام بخش رند ۽ ٻين گڏيل طور حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي بادشاهه جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي بادشاهه ملڪ جي نظرياتي ۽ دفاعي مورچن جا جنرل هئا. پاڻ 1952ع ۾ گادي بحالي کان وٺي هي فاني دنيا ڇڏڻ تائين 60 سالن جي عرصي دوران حُر جماعت ۽ مسلم ليگ ذريعي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڇپر ڇانو هئا. سندن سياسي مخالف به سندن وڏو احترام ڪندا هئا. وقت ۽ حالتن سندن ڪيل پيشنگوئيون سچ ثابت ڪيون آهن. اسان کي سندن هدايتن جي روشنيءَ ۾ ذاتي ۽ سياسي سفر ڪرڻ کپي. تقريب ۾ حُر جماعت جي معزز شخصيتن سميت فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ رئيس حاڪم علي ڀاڻوجو، محمد مٺل وساڻ، رئيس وارث علي سنجراڻي، اشرف ڪيريو، علي مردان منگي، فقير علي حسن منگي، امان الله ڏاهري، فقير علي جان ڏاهري، خادم ڏاهري، اڪبر گل ڪيريو، عرفان بلوچ، امداد چنا، فقير سعيد انڙ، صاحب خان عمراڻي ۽ ٻيا شامل هئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button