بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ ۾ نامياري شاعر ۽ ليکڪ الهورايو اداسي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

سانگهڙ (منگي وٽان) سائين الهه ورايو اداسي هڪ گهڻ پڙهيو، سچو، کرو، باڪردار ۽ باعمل شخص ۽ هڪ اداري مثل هو. جنهن علم، ادب، سماجيات، ماحوليات سميت گهڻ طرفن محاذن تي سماج جي بهتريءَ لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪيو. سندس رهيل قلمي پورهيي کي گڏ ڪري منظر عام تي آڻڻ لاءِ سانگهڙ ۽ جهول جي دوستن کي اڄ جيان لاڀائتو ڪردار ادا ڪرڻ کپي. جيئن خورشيد قائمخاني پاڻ کي جپسي سڏائيندي خوشي محسوس ڪندو هو ايئن سائين الهه ورايو بهڻ پاڻ کي حُر سڏائيندي فخر محسوس ڪندو هو. اهڙو اظهار ناليوارن ليکڪن، ڏاهن ۽ معززن عزيز گوپانگ، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، يوسف جويو، ڊاڪٽر رسول بخش بهڻ، اسحاق مڱريو، عامر قائمخاني، سليمان جي ابڙو، فقير مير محمد نظاماڻي، سيد سبطين شاهه، عاجز منگي، امر لغاري ۽ ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي سنڌي ادبي سنگت شاخ جهول ۽ سانگهڙ پاران ضلعي ڪائونسل هال سانگهڙ ۾ حر تحريڪ جي انمول ڪردار، ناليواري شاعر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ سائين الهه ورايو اداسي جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۽ سندس تازي ڇپيل ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هنن چيو ته هو حر تحريڪ ۽ سنڌ جي حقيقي تاريخ کي ظاهر ٿيڻ جو وڏو پرچارڪ ۽ پراڻن ۽ نون سنڌين جي هڪ ٿيڻ لاءِ مختلف فورمن تان آواز اٿاريندو رهندو هو. پورهيت انسانن سان گڏ، جانورن، پکين ۽ وڻن سان محبت ڪندڙ شخص هو. سندس زندگي اسان سڀني لاءِ وڏو سبق آهي. ان موقعي تي استاد نظاماڻي، نواز ڪنڀر، يعقوب بروهي، مير حسن سريوال، مير حسن مري، صابر مهر، ڪريم شيرازي، حضور بخش بهڻ، جبار ڌاريجو، عظيم رونجھي، لطيف حيدر ۽ ٻين اظهار خيال ڪندي چيو ته سائين الهه ورايو بهڻ ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. هو سٺو پيءُ، بهترين استاد، شاعر، اديب، سماج سڌارڪ، سٻاجهو انسان ۽ خوددار شخصيت جو مالڪ هو. ڏيپلائي ۽ ملهار فقير بعد حر تحريڪ جي سائنسي تحقيق جو حامي ۽ بنياد وجهندڙ هو. جنهن بعد ئي حر تحريڪ جي تاريخ جو اصلي رخ سنڌي قوم آڏو ظاهر ٿيو آهي ۽ اڄ حر تحريڪ بابت ڪتاب اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ وڏي تعداد ۾ ڇپجي وڪرو ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي سندس فرزند ڊاڪٽر رسول بخش بهڻ ۽ سينيئر صحافي عاجز منگي 2024ع ۾ سندس هڪ هڪ ڪتاب ڇپائڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊئي، عزيز گوپانگ، ڊاڪٽر رسول بخش بهڻ، عامر قائمخاني، اسحاق مڱريو ۽ ٻين سائين الهه ورايو ۽ سندس دوست خورشيد قائمخاني جي خطن تي مشتمل اردو ڪتاب “ايک جپسي کي خطوط” جو مهورت پڻ ڪيو. ميڙاڪي ۾ نوجوان راڳي هدايت گلزار سائين الهه ورايو بهڻ جو ڪلام ترنم ۾ پيش ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ليکڪن، سائين جي شاگردن، دوستن حرجماعت جي معززن ۽ سنڌي ادبي سنگت ضلعي سانگهڙ جي شاخن جي عهديدارن ۽ ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button