بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس، اسپيشل ٽيڪنالوجي جي حوالي سان معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو )نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ سڄي دنيا مان آءِ ٽي ايڪسپرٽ کي پاڪستان ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ضروري پاليسيون ٺاهيون وڃن. وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اسپيشل ٽيڪنالوجي زونز اٿارٽي جي بورڊ آف گورنر جو پنجون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيون. اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جو شعبو ملڪ جي معشيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي شعبي ۾ ترقي ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي.  هن  هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي ۽ واڌ  ويج لاءِ سڄي دنيا مان آءِ ٽي ايڪسپرٽ کي   پاڪستان ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ضروري پاليسيون ٺاهيون وڃن. هن چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرين سرماياڪاري لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ان حوالي سان هاڪاري اڳڀرائي به ٿي آهي. اجلاس ۾  اسپيشل ٽيڪنالوجي زونز اٿارٽي جي حوالي سان مختلف معاملن تي بحث ٿيو. اجلاس اسپيشل ٽيڪنالوجي زونز اٿارٽي جي  بورڊ آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي، اجلاس اسپيشل ٽيڪالوجي زورنز  اٿارتي جي بورڊ آف گورنرز جي بجيٽ فنانس، آڊٽ ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽين جي نئين سر جوڙ جڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس اٿارٽي جي لائسنسنگ فريم ورڪ، اٿارٽي پروسيجرز ۽ فيس ريگيوليشنز جي  مسودن کي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سامهون پيش ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ وفاقي سيڪريٽريز ڪابينا، ناڻو انفارمينش، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۽ چئن  صوبن جا سيڪريٽريز ۽ ٻين بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button