بريڪنگ نيوزقومي

علامه اقبال اسڪالر شپ پروگرام تحت 4هزار 5 سئو افغان شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي:مدد علي سنڌي

اسلام آباد(بيورو)هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) افغان شهرين لاءِ علامه محمد اقبال اسڪالر شپ پروگرام جي ٽئين مرحلي جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان نئين مرحلي تحت 4500 اسڪالر شپس افغان شاگردن کي ٽن سالن جي عرصي دوران پاڪستان جي اعليٰ ترين يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ڏنيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي تعليم ۽ پيشه ورانه تربيت واري وفاقي وزير امداد علي سنڌي خميس ڏينهن ايڇ اي سي سيڪريٽريٽ ۾ پروگرام جي فيز-2 تحت تعليم مڪمل ڪندڙ 281 افغان شاگردن جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن شاگردن پاڪستان جي 25 يونيورسٽين مان گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ ميڊيسن، انجنيئرنگ، ايگريڪلچر، مئنيجمينٽ ۽ ڪمپيوٽر سائنس سميت مختلف شعبن ۾ بيچلر ۽ ماسٽرز جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. اسڪالرشپ پروجيڪٽ جي پهرين ٻن مرحلن دوران هن وقت تائين 6000 افغان شاگردن کي اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن. افغان شاگردن کي خطاب ڪندي نگران وفاقي تعليم واري وزير چيو ته هي لمحو سندن زندگين ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. هن انهن کان افغانستان ڏانهن واپسي تي ذميواري جو احساس وڌائڻ لاءِ چيو. وزير انهن تي زور ڀريو ته هو افغانستان کي درپيش چئلينجز جي نشاندهي ڪن ۽ حل ڳولڻ لاءِ پنهنجي دانشورانه صلاحيتن کي استعمال ڪن. هن افغان شاگردن ۽ فيڪلٽي جي صلاحيت وڌائڻ جي اهم ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ اسڪالر شپ ذريعي افغان شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ ايڇ اي سي جي اهم ڪردار کي پڻ تسليم ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button