بريڪنگ نيوزقومي

گذريل حڪومت هڪ به رٿا تي ڪم نه ڪيو، رڳو ڪوڙا الزام ۽ معاشري ۾ زهر ڀريندا رهيا، سازشي ٽولي جو مک اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار هو: وزيراعظم

فيصل آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي سازشي ٽولي جو مک قرار ڏيندي چيو آهي ته مان وڏن وڏن آفيسرن کي چيو هو ته اوهان عمران خان کي آڻڻ لاءِ هر طور طريقو استعمال ڪري رهيا آهيو منهنجي ڳالهه ياد رکجو جڏهن عمران نيازي پنهنجو اصل روپ اوهان کي ڏيکاريندو ته اوهان کي نواز شريف فرشتو نطر ايندو ايندڙ چونڊن ۾عوام جنهن کي به چونڊي اسلام آباد اماڻيندو اسان ان جو احترام ڪنداسين جيڪڏهن عوام (ن) ليگ کي موقعو ڏنو ته يقين ڏياريان ٿو ته نواز شريف ايندڙ وزيراعظم هوندو موٽر وي ايم-3 سان ڳنڍيل ستيانه باءِ پاس جي پيڙهه جي پٿر جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هاڻي اليڪشن اچڻ واري آهي اوهان کي پنهنجي ووٽ جي طاقت سان نه رڳو 2018 ۾ ڌانڌلي جي ذريعي ڪامياب ڪرايلن کي شڪست ڏني آهي پر مسلم ليگ (ن) کي فيصل آباد مان 100 سيڪڙو ڪامياب ڪري 2018 جو بدلو وٺڻو آهي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن رٿا سان فيصل آباد جي عوام کي فيصل آباد کان ٻاهر وڃڻ ۽ داخل ٿيڻ ۾ وڏي سهولت ملندي گذريل حڪومت ڪنهن هڪ رٿا تي ڪم ناهي ڪيو پر 4 سال پاڪستاني معاشري ۾ زهر ڀريندا رهيا ۽ ڪوڙا الزام مڙهيندا رهيا شهباز شريف چيو ته جنهن شخص چيو هو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه وانگر سڄي ملڪ ۾ اسپتالن جو ڄار وڇائي ڇڏيندس ٽن مهينن ۾ 300 ارب ڊالر واپس آڻيندس جڏهن ته هڪ پائي به نه آندي پوءِ چيو ته مري ويندس ته آئي ايم ايف وٽ نه ويندس جڏهن ته آئي ايم ايف سان معاهدو ڪيو ان جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن جو سمورو ٻوجهه اسان جي حڪومت تي وڌو هن چيو ته هن شخص ٻن صوبن جي ناڻي واري وزيرن کي اهو چئي آئي ايم ايف سان معاهدو ٽوڙڻ جي سازش ڪئي ته آئي ايم ايف لاءِ خط جاري ناهي ڪرڻو ملڪ سان ان کان وڏي سازش ڇا ٿي سگهي ٿي وزيراعظم چيو ته 2018 ۾ جڏهن ملڪي معيشت راڪيٽ وانگر مٿي وڃي رهي هئي ته هڪ سازش تحت نواز شريف کي بي بنياد الزامن ۾ ڌڪيو ويو ۽ سازش ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سازشي ٽولي جو مک هو هن چيو ته ان وقت مان وڏن وڏن آفيسرن کي چيو ته اڄ اوهان عمران خان کي آڻڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪري رهيا آهيو منهنجي ڳالهه ياد رکجو جڏهن عمران نيازي پنهنجي اصل شڪل اوهان کي ڏيکاريندو تڏهن اوهان کي نواز شريف فرشتو نظر ايندو شهباز شريف چيو ته اڄ پري پري تائين ڊيفالٽ ٿيڻ جو ڪو نشان نه آهي هن چيو ته اخبارن ۾ آيو ته غريب عوام تي بجلي جا اگهه بجلي بڻجي ڪريا آهن جڏهن ته ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪي ماڻهو 200 يونٽ بجلي استعمال ڪن ٿا انهن تي قيمتن ۾ ڪائي واڌ ناهي ڪئي وئي پر جيڪي وڌيڪ بجلي استعمال ڪن ٿا انهن لاءِ قيمتون وڌايون ڇو ته آئي ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻا هئا وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان کي پنجن سالن جو موقعو ڏنو ته اسان سڀ اتحادي گڏجي پاڪستان جي قسمت سنواري ڇڏينداسين ۽ ترقي جو سفر اهڙي طرح ايندو جڏهن نواز شريف 20-20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي هئي جهڙي طرح چين کان 30 ارب ڊالر جو سرمايو لڳرايو جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگار مليو رستن جو ڄار وڇايو هو وزيراعظم چيو ته مهانگائي اهڙي طرح گهٽ ٿيندي جڏهن نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي جي شرح رڳو ساڍا 3 سيڪڙو هئي ايندڙ حڪومت مسلم ليگ (ن) جي آئي ته پاڪستان ۾ وڃايل مقام ڏيارڻ لاءِ وسان نه گهٽائينداسين ۽ هي ڪشتو ڀڃي ان جا ٽڪڙا ڪري بني گالا جي آس پاس اڇلائينداسين، شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پهريان لکين ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي ليپ ٽاپ ڏيندا هئاسين پر هاڻي ڪروڙين ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي مفت ليپ ٽاپ فراهم ڪنداسين لکين ايڪڙ زمين آباد ڪنداسين ۽ معدنيات جي دولت سان پوري پاڪستان کي فيضياب ڪنداسين.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button