بريڪنگ نيوزقومي

تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاران آءِ بي سي سي هيڊ آفيس جو دورو

اسلام آباد (بيورو) نگران وفاقي وزير مددعلي سنڌي اسلام آباد ۾ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن جي هيڊ آفيس جو دوروڪيو پنهنجي دوري دوران کيس آئي بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح بريفنگ ڏني جنهن ۾ اداري جي اهم مينڊيٽ، ڪردار ۽ ذميوارن تي روشني وڌي وئي بريفنگ ۾ ڊاڪٽر ملاح پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ آئي بي سي سي جي تعاون تي روشني وجهندي چيو ته ملڪ جي مختلف تعليمي بورڊز ۾ امتحان جي تشخيص جي نظام کي معياري بنائڻ ۾ آئي بي سي سي اهم ڪردار ادا ڪيو هن تعليمي سرٽيفڪيٽس پرڏيهي معيار مطابق هجڻ کي يقيني بنائڻ ۾ آئي بي سي سي جي اهم ڪم تي روشني وڌي جيڪو شاگردن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي وڌيڪ تعليم حاصلڪرڻ ۾ ڪافي سهولت فراهم ڪري ٿو ڊاڪٽر غلام ملاح آئي بي سي سي جي نون قدمن ۽ آئي ٽي جي شعبي ۾ ڪيل سڌارن بابت به آگاهه ڪيو هن ٽيڪنالوجي کي اختيار ڪرڻ لاءِ آئي بي سي سي پاران کنيل ترقي پسند قدمن جي وصاحت ڪئي جنهن سبب شاگرد تعليمي ادارن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز لاءِ خدمتن جي ڪارڪردگي ۽ پهچ ۾ بهتري آئي آهي هن ٻڌايو ته هي آئي ٽي سڌارا نه رڳو آئي بي سي سي جي آپريشنل ڪمن ۾ انقلاب برپا ڪري رهيا آهن پر وڌيڪ شفاف ۽ تيز تشخيصي عمل ۾ به حصووجهي رهيا آهن وفاقي وزير مدد علي سنڌي تعليمي شعبي جي معيار ۽ تاثير کي مضبوط بنائڻ ۾ آئي بي سي سي جي دلچسپي ۽ ڪوششن کي ساراهيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button