بريڪنگ نيوزقومي

غيرقانوني ڌارين خلاف سڀاڻي کان ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (بيورو) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت سڀاڻي ختم ٿي ويندي، 2 نومبر کان غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندو. سمورا غير قانوني پرڏيهي سڀاڻي تائين رضاڪاراڻه طور پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس وڃن.  نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي وڊيو بيان ۾ چيو ته رضاڪاراڻه طور واپس ويندڙ پرڏيهين کي هولڊ سينٽرز ۾ ترسائي سندن وطن واپسيءَ جا انتظام ڪنداسين. هن چيو ته هولڊ سينٽرز ۾ پناهگيرن کي کاڌي پيتي سميت سموريون سهولتون ڏنيون وينديون، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 11 هزار 553 افغاني پنهنجي وطن روانا ٿي ويا.  سرڪاري انگ اکرن موجب گذريل ڏينهن افغانستان ويل غير قانوني پرڏيهين ۾ 3 هزار 153 مرد، 2 هزار 823 عورتون ۽ 5 هزار 577 ٻار شامل آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعلان موجب غير قانوني پرڏيهين کي ترسائڻ ۽ ٻيون سهولتون ڏيندڙ پاڪستانين خلاف  به ڪارروائيون ٿينديون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button