بريڪنگ نيوزسنڌ

پاڪستان جي مسئلن جو واحد حل مسلم ليگ فنڪشنل وٽ آهي،عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي:سيد محمد راشد شاهه راشدي

ڪوٽڏجي/پيرجوڳوٺ/ڪنب(نمائندن وٽان)حرجماعت جي روحاني پيشوا پيرسائين پاڳارا جن جي صاحبزادي، مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي نائب صدر ۽ ايم پي اي سيد محمد راشد شاھه راشدي چيو آھي ته پاڪستان جي مسئلن جو واحد حل مسلم ليگ فنڪشنل آھي، سنڌ صوبي ۾ بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو، عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آھي، ھن اھڙي ڳالھين جو اظھار ڪوٽڏجي ۾ مير شاھنواز خان ٽالپر پاران سندس اعزاز ۾ ڏنل دعوت جي موقعي تي ضلعي خيرپور جي عھديدارن، ورڪرن، ڪارڪنن ۽ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو، سيد راشد شاھه راشدي وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني ناھي اسان جو ڪم سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ آھي، سنڌ جي عوام ھن وقت تمام گھڻي تڪليف ۾ آھي ۽ نوجوان بيروزگار آھن، ترقياتي ڪم بلڪل ناھن ۽ زراعت جي طرف ڪنھنجي توجهه ناھي جڏھن ته اسان جو ملڪ زراعت سان اڳتي نڪري سگھي ٿو، زراعت به ڪامياب ٿي سگھي ٿي ۽ بيروزگاري به ختم ٿي ويندي، مسلم ليگ فنڪشنل ڪنھن ھڪ طبقي جي ناھي ھر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙن جي مسلم ليگ آھي، منھنجو ڏاڏو شاھه مردان شاھه پيرپاڳارو ۽ منھنجو والد پير سيد صبغت الله شاهه پيرپاڳارو نظرياتي طور پاڪستاني ۽ مسلم ليگي آھن، فوج اسان مان ۽ اسان ھنن مان آھيون انھيءَ مھم کي منزل مقصود تي ھلائڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن وڏن علائقن جا دورا ڪري عوام تائين ويندس، سنڌ جي حقن جي خاطر ھر فورم ۽ اسيمبليءَ ۾ آواز اٿاريندس، اسان جي جماعت ۾ ڪوئي ننڍو وڏو ناھي سڀ برابر آھيون، سيد راشد شاھه راشدي پارٽي عھديدار ن کي ھدايت ڪندي چيو ته پنھنجي پنھنجي ضلعن ۾ وڌ کان وڌ ووٽ درج ڪرائين ۽ جن جا شناختي ڪارڊ ناھن ٺھيل شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ عوام جي مدد ڪئي وڃي، ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد محمد راشد شاھه راشدي چيو ته آئون حڪومت کان پرزور مطالبو ٿو ڪريان ته سنڌ مان غنڊہ راج کي ختم ڪيو وڃي، ھن وقت غريب عوام سخت پريشان آھي، حڪومت کي گھرجي ته تعليم، صحت، ترقياتي ڪمن ۽ قانون تي مڪمل توجهه ڏين، حالات جي مطابق اتحاد ٺھندا آھن ۽ مقصد بعد اتحاد ختم ٿي ويندا آھن، آئون ھن وقت پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي پليٽ فارم ۽ پنھنجي والد جي حڪم تحت ڪم ڪري رھيو آھيان، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اليڪشن اتحاد پارٽيون جوڙينديون آھن جڏھن ته انھن جي سوچ ڪنھن حد تائين مشترڪه ھوندي آھي، اسان جو ڪنھن جماعت سان ڪوئي اختلاف ناھي اسان پاڪستان مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ھر سيٽ تان اليڪشن وڙھنداسين ھاڻي عوام کي سوچڻو آھي ته ھو ڪنھن کي ٿا ووٽ ڏين، سنڌ جو عوام پنھنجو بھتر مستقبل، روزگار، زرعي معاشي حل، تعليم، صحت ۽ ترقي ڏسڻ چاھي ٿي ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل کي ووٽ ڏيندي، هر جماعت پنھنجو منشور ڏيندي آھي ھاڻي عوام کي ڏسڻو آھي ته جيڪي جماعتون حڪومتن ۾ رھيون آھن انھن ڪوئي ڪم ڪيو آھي يا نہه، ان جو فيصلو عوام کي پاڻ ڪرڻو آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد محمد راشد شاھه راشدي چيو ته لوڪل گورنمنٽ ڊسٽرڪٽ خيرپور جو چيئرمين شيراز راڄپر ھڪ پڙھيل لکيل ۽ سمجھدار ماڻھو آھي ان کي گھرجي ته ھو باقاعده پوري ضلعي جو چيئرمين بڻجي عوام جي خدمت ڪري، منھنجي والد صاحب جو مونکي حڪم آھي ته سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ۽ عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ اسان جو ڪنھن سان اختلاف ناھي جيڪو اسان سان گڏ ھوندو اسان ان سان گڏ ھونداسين، آئون ھن وقت ضلعي خيرپور ۽ ڪوٽڏجي جي عوام جو تمام گھڻو شڪرگذار آهيان جن مونکي عزت بخشي ۽ آئون دوستن جي دعوت تي ايندو رھندس، سيد محمد راشد شاھه راشدي، مير شاھنواز خان ٽالپر جي دعوت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته خيرپور ضلعي جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد سنڌ جي ھر ضلعي ۾ ويندس ۽ عوام سان مڪمل رابطي ۾ رھندس.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button