بريڪنگ نيوزسنڌ

دوڙ ڀرسان ڪار ڦورن ۽ پوليس ۾ مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا

نوابشاھ / ڄام صاحب/ دوڙ (نمائندن وٽان)  دوڙ مال پڙي مان ڪرولا ڪار چوري ڪندڙن چورن سان ڄام صاحب پوليس جو گھوٽاڻو ڳوٺ ڀرسان پراڻي قبرستان وٽ مقابلو چوري ٿيل ڪار ھٿ پوليس ۽ ڏوھاري ۾ دوبدو فائرنگ ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا. جن کي پي ايم سي اسپتال نوابشاھ پھچايو ويو، ۽ ٻه چور فصل ۾ لڪي ويا. جڏھن ته پوليس ٻن ڦورن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪمند جي فصل جو گھيرائو ڪيو. انھيءَ موقعي تي ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد حيدر رضا پي ايم يو اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اطلاع مليو ته دوڙ ٿاڻي جي حد ۾ وائيٽ ڪلر جي ڪرولا ڪار چور چوري ڪري وڃي رھيا ھئا ته پوليس سڄي ضلعي ۾ ناڪا بندي ڪري ڇڏي جنھن بعد ڄام صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھوٽاڻو پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿيو پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڦورو حسن شر ۽ عمران شر مارجي ويا جن کي پي ايم يو اسپتال نوابشاھ منتقل ڪيو ويو. ھن چيو ته ڦورو حسن شر خلاف مختلف ٿاڻن تي 18 ڪيس داخل آھن جڏھن ته عمران شر جو تعلق خيرپور سان آھي مارجي ويل ڦورن جي قبضي مان ھڪ ڪرولا ڪار ۽ ٻه پسٽل برآمد ڪيا ويا آھن ھن چيو ته مارجي ويلن ڦورن جا ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن. ھن چيو ته ڦورن خلاف وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ فرار ٿيل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين فوتين جا وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ نه پھتا هئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button