بريڪنگ نيوزقومي

پي ٽي آءِ جي تحريڪ طالبان کي واپس آڻڻ واري فيصلي ملڪ کي ٻيهر دهشتگردي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي: بلاول

رحيم يار خان (بيورو)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي واپس سڏائڻ واري فيصلي ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ان وقت اداري ۾ ان خيال جي مخالفت هئي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پارليامينٽ کي ٻڌائڻ کانسواءِ ٽي ٽي پي کي معافي ڏني، جيڪڏهن کيس تحريڪ انصاف سان ڳالهائڻو هو ته پاڪستان جي آئين کي قبول ڪري ها.هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وزيراعظم جي طالبان ۽ مختلف ادارن بابت مخصوص سوچ هئي. بلاول ڀٽو چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دهشتگردي جي سنگين واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي غير مشروط طور تي پاڪستان ۾ رهڻ جي دعوت ڏني. ن ليگ تي تنقيد ڪندي هن چيو ته نواز شريف ناڻي واري وزير کي تبديل ڪري ملڪ کي ڊفالٽ جي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button