بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺل ڀرسان ظالم پيءُ هٿان ڌيءَ ۽ نوجوان قتل

ٺل (رپورٽ: فيض سومرو) گذريل رات ٺل لڳ ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ زاھد حسين کوسو ۾ جوابدار پيءَ حسين بخش جمالي بابو جمالي جي مدد سان پنهنجي ڌيءَ حسينا ۽ نوجوان سهڻو احسان جمالي کي بندوق جا فائر ۽ ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان  قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آھن۔اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪرايا ۔لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا۔ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آھي۔ پوليس موجب۔ جوابدار حسين بخش جمالي ڪارنهن الزام مڙھي پنهنجي ڌيءُ ۽ نوجوان کي قتل ڪيو آھي. جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششُون جاري آھن، وڌيڪ جاچ ڪريُون پيا۔

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button