بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪوٽ ڏيجي ڀرسان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت

ڪوٽ ڏيجي (ن خ) ڪوٽڏيجي ڀرسان ناروڍورو ۽ خيرپور لنڪ روڊ تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن ڳوٺاڻو فوت لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو تفصيل موجب ڪوٽڏيجي ڀرسان ناروڍورو ۽ خيرپور لنڪ روڊ مصري خاصخيلي اسٽاپ وٽ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ ڳوٺ فتح علي لاشاري واسي موٽر سائيڪل سوار 50 سالا ھوت خان لاشاري سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ڊاڪٽرن پاران لاڙڪاڻي ڏانهن ريفر ڪيو ويو زخمي پيرسن کي وارث کڻائي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ زخمي پيرسن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي جو مڙھ گهر پهچڻ تي سندس گھر اندر ڪهرام مچي ويو آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button