بريڪنگ نيوزسنڌ

پاڪ بحريا جي جهاز پي اين ايس سيف متحده عرب امارات جو دورو ڪيو

اسلام آباد(پ ر)پاڪ بحريا جي جهاز پي اين ايس سيف ريجنل ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرول تي مقرري دوران متحده عرب امارات جو دورو ڪيو،ابوظهبي بندر گاهه پهچڻ تي پاڪستان جي سفارتي عملي ۽ ميزبان بحريا جي اعليٰ اختيارين پاڪ بحريه جي جهاز جو استقبال ڪيو،بندرگاهه جي دوري دوران پي اين ايس ايف جي ڪمانڊنگ آفيسر ڊپٽي ڪمانڊر يو اي اي نيول فورسز ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون،ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڀني شعبن ۾ ٻه طرفي تعلقاتن کي هٿي ڏيارڻ جو عزم ڪيو،ان موقعي  تي جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر چيف آف دي نيول اسٽاف اينڊ مرل محمد امجد خان نيازي پاران متحده عرب عمارت جي عوام ۽ ميزبان بحريا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،پي اين ايس سيف پاڪستان جو يوم آزادي جو ڏهاڙو متحده عرب امارات ۾ ملهايو،ان سلسلي ۾ جهاز تي پرچم ڪشائي جي تقريب ڪوٺائي وئي،جنهن ۾ پاڪستان جي خاص اتاشير ۽ پاڪستاني اسڪولن جي ٻارڙن شرڪت ڪئي،بندگاهه تي قيام دوران ٻنهي ملڪن بحري فوج ٻه طرف سرگرمين ۾ حصو ورتو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button