بريڪنگ نيوزقومي

وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي صدارت هيٺ بلوچستان اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس، مختلف معاملن جو جائزو

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ صوبائي اپيڪس اجلاس  شرڪت ڪئي. اجلاس دوران فورم کي نظرثاني ٿيل نيشنل  ايڪشن پلان، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، بلوچستان ۾ اسمگلنگ روڪ ٿام ۽ منشيات آپريشنز روڪ ٿام تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي سي پي اي سي، نان سي پي اي سي، پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ  پرڏيهي شهرين سيڪيورٽي ۽ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهن رهندڙن جي واپسي کان  بابت به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي  ڪرنسي کي  ريگيولرائيز ڪرڻ جا قدم ۽ بلوچستان ۾ اي آءِ، ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. وزيراعظم بلوچستان حڪومت پاران  اڳڀرائي تي اطمينان ظاهر ڪيو ۽ ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته فوج ايل اي اي ۽ ٻين سرڪاري کاتن سان گڏجي غير قانوني سرگرمين جي خلاف ڪاررواين لاءِ پوري طاقت سان مڪمل تعاون فراهم ڪندي ته جيئن وسيلن جي ڦر لٽ ۽ انهن سرگرمين جي ڪري ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته  وفاقي سطح تي ايس آءِ ايف سي طرفان   کنيل قدمن جو  هر صوبي ۾ علائقي جي ماڻهن کي فائدو  پهچڻ گهرجي. آرمي چيف چيو ته بلوچستان کاڻين ۽ معدنيات سان مالامال آهي ۽ هن شعبي ۾ ترقي سان علائقي جي ماڻهن لاءِ معاشي سرگرميون ۽روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اجلاس دوران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ايس آءِ ايف سي جي قدمن جي اثرن لاءِ  سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضروت تي به زور ڏنو. ان کان اڳ وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو استقبال بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ڪمانڊر بلوچستان ڪور ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button