بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري

حيدرآباد(پ ر) اڄ ادبي محفل ۾ اچي ويس،سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي دستوري گڏجاڻي ۾ ڏاڍو مزو آيو.اھڙو اظهار نامياري سينيئر شاعر رٽائرڊ ڪرنل فتح علي ٽالپرمخلص سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي دستوري گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ تنقيد لاء نڪور لکڻيون پيش ڪيون.جن ۾ نظير ملڪاڻي ڪھاڻي،شاڪر عزيز سيتائي غزل،عبدالغفار عبد بيت،عبداعزيز ٿيٻو قطعا تنقيد لاء پيش ڪيا.پيش ڪيل اسمن تي مٿين ليکڪن کان سواءِ تاج جويي،پروفيسر زوار نقوي،موللابخش محبتي،ڊاڪٽر عزيز ٽالپر،سليم چنا،عبد مگسي،واحد ڪاندڙي،گل شير ڪوريجي،شيرل گوپانگ،دريا خان پيرزادي ۽ ٻين اصلاحي تنقيدي رايا ڏنا.ڊاڪٽرفتح علي ٽالپرمخلص بنا تنقيد جي آدمشماري بابت شاعري پڙھي داد حاصل ڪيو.گڏجاڻي جي ڪارروائي گلشير ڪوريجي ھلائي..

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button