بريڪنگ نيوزسنڌ

قاضي احمد مان 11 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر بازياب نه ٿيو، احتجاج

قاضي احمد (ن م) 11 ڏينهن اڳ قاضي احمد ايڊمور پمپ وٽان ڪمند سان ڀريل ٽرڪ ڦر ڪري اغوا ڪيل ڳوٺ حسو کوسو واسي نينگر 11 سالا مجاهد کوسو جو يارنهن ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پتو نه پيو آھي سندس گھر ۾ سوڳ وارو ماحول آھي امڙ کي بيهوشي جو دورا پئجي رهيا آھن. سندس وارثن پيُءُ شاهنواز کوسو دلاور کوسو ۽ شھزور کوسو سميت ٻين  نواب شاھ تعلقا پوليس پاران نينگر کي کنڀي اغوا ڪري گم ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي آھي مظاهرين نواب شاھ  هٿان کنڀي گم ڪيل نينگر جي جلد بازيابي جي گهر  ڪندي چيو آھي ته 11 ڏينهن گذري پر نينگر جو ڪٿا به ڏس پتو نه پئجي رهيو آھي نواب شاھ تعلقا پوليس خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ تي پوليس نينگر کي ڦل فراء ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آھي هنن آء جي پوليس سنڌ ڊي آء جي شھيد بينظيرآباد  چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آھي ته نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button