بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وڏي وزير پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪلين اپ آپريشن جي منظوري

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو(نمائندن وٽان) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڊي سي آفيس ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندي مستقبل جي حڪمت عملي بابت مڪمل ۽ حتمي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ۽ هن حڪمت عملي کي ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ”فيصلائتو“ آپريشن قرار ڏيندي سموريون گهربل ضرورتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، آءِ جي پوليس رفعت مختار راجه، ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد خان کوسو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد سونهارو خان جسڪاڻي، ايس ايس پي شڪارپور سردار غلام مصطفي خان ڪورائي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. گينگ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شڪارپور ۽ ڪشمور جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جا 14 ٽولا موجود آهن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته آپريشن جو مطلب انهن علائقن مان ڌاڙيلن جو خاتمو آهي. مستقبل جي حڪمت عملي بابت ڄاڻ ڏيندي آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪلين اپ آپريشن ۾ اهلڪارن جي مقرري لاءِ مربوط پاليسي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي ڊي آر ذريعي ڏوهارين، سندن مائٽن، بي پارٽين ۽ سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس فورس ۾ ڪاري رڍن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ته جيئن آپريشن جي حڪمت عملي ۽ لائين آف ايڪشن ڌاڙيلن تائين پهچي نه سگهي. وڏي وزير چيو ته پوليس هني ٽريپس کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي. وڏي وزير تجويز ڏني ته مختلف اسٽاپن تي سادي لباس ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ ان کان علاوه هني ٽريپرز پاران استعمال ٿيندڙ رستن تي پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن. ان تي آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو ته هنن 42 اهڙن هنڌن جي نشاندهي ڪئي آهي جتي چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن. آءِ جي پوليس جو چوڻ هو ته هوٽلن، بس اسٽاپن ۽ ڪراسنگ پوائنٽس تي انٽيليجنس بنيادن تي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ خاص آءِ ٽي ٽيمون هني ٽريپنگ تي ڪم ڪري رهيون آهن. وڏي وزير کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ڪشمور ۽ شڪارپور جي علائقن ۾ 1680 پوليس چيڪ پوسٽون قائم ڪيون پيون وڃن جتي آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ 1680 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. آءِ جي پوليس جو چوڻ هو ته ڪشمور ۾ 2 ۽ شڪارپور ۾ هڪ مني، پوليس لائنون (Mini-Police lines) قائم ڪيون وينديون. مني پوليس لائنز اسڪول آف اسنائپر ٽريننگ، رهائش جون سهولتون، ويلفيئر ونگ، ايم ٽي سيڪشن ۽ رڌپچاءُ جون سهولتون هونديون. هن چيو ته مانيٽرنگ ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ ڪشمور ۽ شڪارپور جو گڏيل ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويندو. ڪاميابيون: آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو رينج پوليس جي ڪاميابين جي وضاحت ڪندي چيو ته 49 مقابلا ڪيا ويا جن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا، 13 زخمي ٿيا، 26 گرفتار، 1061 فراري گرفتار، 50 هٿيار هٿ ڪري کين هني ٽريپ کان بچايو ويو. سکر رينج جي حوالي سان ڳالهائيندي آءِ جي پوليس چيو ته پوليس ٽن هنڌن تي ناڪابندي ڪئي آهي جهڙوڪ ڪچا بند، گهوٽڪي فيڊر ۽ مريد شاخ جي ڀرپاسي سپلائي لائين بلاڪ ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير پوليس کي پنجاب پوليس ۽ بلوچستان پوليس سان گڏ رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مون پنجاب جي وڏي وزير سان اڳ ۾ ئي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هن ضروري انتظام ڪيا آهن ته ڌاڙيلن خلاف سنڌ پوليس ۽ بلوچستان پوليس گڏجي آپريشن شروع ڪري. آءِ جي پوليس وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ڪلين اپ آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ ٽنهي آءِ جيز جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو. اجلاس ۾ جڏهن پوليس فنڊز، هٿيار ۽ سامان جو معاملو اٿاريو ته وڏي وزير کين ٻڌايو ته هو موثر ۽ فيصلائتي آپريشن جي شرط تي کين سموريون گهربل منظوري ڏئي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته مون کي يقين آهي ته ان آپريشن کانپوءِ اغوا جي وارداتن جي ڪابه خبر نه ملندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button