بريڪنگ نيوزسنڌ

پاڪستان جي هاڪاري ڪريڊٽ ريٽنگ کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهيون: ناڻي واري وزير

اسلام آباد (بيورو ) نگران ناڻي واري وفاقي وزير شمشاد اختر چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي هاڪاري  ڪريڊٽ ريٽنگ کي برقرار رکڻ ۽ شفافيت لاءِ پر عزم آهي. هن گڏيل عرب امارات سان  گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن بابت توقح جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي اقتصادي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اڳتي جاري رکڻ جو عهد ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شمشاد اختر آئي ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي  عالمي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن. نگران ناڻي واري وزير گلوبل، فنانشل، سروس ڪمپني ۽ موڊيز جي هڪ  اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي. آچر تي ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾  ڊاڪٽر شمشاد اختر سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾پاڪستان جي هاڪاري ڪريڊٽ ريٽنگ کي شفاف رکڻ ۽ حڪومت جو عزم ورجايو آهي. شمشاد اختر  پنهنجي مراڪش جي دوري دوران انڊيپينينڊنٽ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي  ايس اينڊ پي  گلوبل جي عملدارن سان ملاقات ڪئي. آچر تي  ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل ٽوئيٽ تي ٻڌايو ويو ته ملاقات ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر مالياتي استحقام کي يقيني بڻائڻ، مالياتي  ڊسيپلين کي بهتر بڻائڻ ۽ جٽا دار اقتصادي  ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندڙ  سڌارا لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت عزم ظاهر ڪيو آهي. ڊاڪٽر شمشاد اختر عالمي  بينڪ، آئي ايم ايف جي سالياني  اجلاس جي موقعي تي  گڏيل عرب امارات جي   مالياتي معاملن بابت ممڪلتي وزير  محمد بن هادي الحسيني سان ملاقات  ڪئي  آهي. ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ان موقعي تي پاڪستان  ۽ گڏيل عرب  امارات وچ ۾  اقتصادي لاڳاپا مضبوط  ڪرڻ  ۽ ماليات ۽ محصولات جي معاملن ۾  تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿ ڏيڻ ۽ گڏيل اقتصادي ترقي جا موقعا ڳولڻ تي  ڌيان ڏيڻ جي حوالي  سان خيالن جي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي وزيرن وڌيڪ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ بابت اميد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ملڪن جي اقتصادي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ  گڏجي ڪم جاري رکڻ جو عهد ڪيو آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button