بريڪنگ نيوزسنڌ

بدين جي ٻوڏ متاثر پنج سئو خاندانن کي گهرن جا مالڪاڻا حقوق ڏيڻ واري تقريب،چونڊيل نمائندن ۽ ٻين جي شرڪت

بدين (خالد عزيز عباسي) ضلعي بدين جي ٻوڏ متاثر 5 سئو خاندانن کي مالڪاڻا حقوق جون سندون ڏيڻ واري تقريب اسپورٽس  ڪمپليڪس ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ صوبائي صلاحڪار براءِ بحالي ۽ رليف حاجي رسول بخش چانڊيو، سينيٽر ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو، وزير اعليٰ سنڌ جي اسپيشل اسسٽنٽ براءِ انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ايم پي اي ام حبيبه تنزيلا  قمبراڻي ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ضلعي چيئرمين علي اصغر هاليپوٽو، وائس چيئرمين فدا حسين منڌرو، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر، ايم پي اي محمد عرف ڏاڏا ھاليپوٽو پاڪستان پيپلزپارٽي جو ضلعي صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو، پاڪستان پيپلزپارٽي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي  سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن روٽي، ڪپڙا ۽ گهر تي قائم آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سال سيلاب ۾ واعدو ڪيو هو ته هو سيلاب متاثرين کي نوان گهر ٺهرائي ڏيندو سڄي سنڌ ۾ 21 لک خاندانن کي نوان گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن انهي سلسلي ۾ ضلعي بدين ۾ پڻ 1 لک 10 ھزار 7 سئو 86 گهر تعمير ٿي رهيا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي ٻين پارٽين جيان صرف نعرہ نٿي هڻي پر هو عملي ڪم ڪري ٿي ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي. تقريب کي بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان ٻڌايو ته حڪومت سنڌ پاران ايس پي ايڇ ايف اسڪيم تحت ضلعي بدين جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 1 لک 10 ھزار 7 سو 86 گهر تعمير ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ تعلقي بدين لاءِ 23 هزار 1 سئو 14، تعلقي ماتلي ۾ 22 هزار 87، تعلقو شھيد فاضل راهو ۾ 22 هزار 1 سئو 40، تعلقي تلهار ۾ 8 هزار 9 سئو 20 ۽ تعلقو ٽنڊوباگو ۾ 34 هزار 5 سئو 25 گهر تعمير ڪيا ويندا گهرن جي تعمير لاءِ پيسا 4 قسطن ۾ ڏنا ويندا جڏهن ته پهرين فيز ۾ 5 سئو خاندانن کي گهرن جا مالڪاڻا حقوق جا سند ڏنا ويا آهن تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وقار احمد ڪلوڙ، ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button