بريڪنگ نيوزسنڌ

سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافي سراپا احتجاج،مختلف شهرن ۾ مظاهرا

حيدرآباد(نمائندن وٽان)سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد، سانگهڙ، سجاول، ملير، ميرپوخاص، ٽنڊوالهيار، پنوعاقل، سيوهڻ، شهدادپور، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز ۾ مظاهرا ڪيا ويا،عمر ڪوٽ، اوٻاوڙو، نوابشاهه، ميرپورماٿيلو، مٽياري، خيرپور، جاتي، درياخان مري، ڪوٽڙي، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جان محمد مهر جو قتل در اصل سنڌ جي آواز کي دٻائڻ جي هڪ ڪوشش آهي جيڪا طاقتور ڌرين جي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، هنن چيو ته پوليس پهرئين ڏينهن کان وٺي تڪراري ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هيل تائين ٻه جوابدار گرفتار ڪري ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري وئي آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ مسلسل سچ جو آواز بلند ڪندڙ صحافين جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي پر پوء به صحافي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته جان محمد مهر سنڌ جي جديد صحافت ۾ بهادري جا نوان مثال قائم ڪيا ۽ صحافين کي نئون دڳ ڏنو. اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جان محمد مهر جي خون سان تڪڙو انصاف نه ٿيو ته احتجاجن جو سلسو ماٺو نه ٿيندو, مطالبو ڪيو ويو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي ڏئي سنڌ ۾ لاقانونينت ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button