بريڪنگ نيوزقومي

ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ڪرڻو پوندو، اسان جي ڌرتي موسمياتي تبديلين جي خطرن ۾ آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (بيورو ) نگران وفاقي سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي موسمي تبديلين جي خطرن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورتن تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ايندڙ نسلن جو مستقبل  محفوظ ڪرڻو پوندو. ڌرتي موسمي تبديلين جي ور چڙهيل آهي. حڪومت يا ڪو کاتو اڪيلي سر هن خطري کي منهن نٿو ڏئي سگهي. موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي. موسمياتي تبديلين سان متاثر  ملڪن جي لاءِ عالمي برادرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جواظهار هن ڪالهه هتي پري ڪوپ-28 سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڌرتي جو ٽيمپريچر وڌي رهيو آهي. ڪا به حڪومت يا ادارو اڪيلو موسمي تبديلين جي خطرن ۽ چئلينجز کي منهن نٿو ڏئي سگهي. هن مسئلي جي اهميت کي پوري معاشري کي تسليم ڪرڻو پوندو. هن چيوته اسان کي موسمي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻ ڪاري ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻوپوندو. ان ڏس ۾ معاشري ۾ سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ٻارڙن ۾شعور اجاگر ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ مائرون ۽ استاد پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اسان پنهنجي ڪلچر ۾ موسمياتي تبديلي جي عمل کي اجاگر ڪري ئي خطرن کي منهن ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته موسمياتي تبديلي بابت ميڊيا کي پنهنجو ڪردار ادارڪرڻو پوندو.اسان پاڪستان ٽيليويزن ۾ موسم جي تبديلي جي حوالي سان اسپيشل ڊيسڪ جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان سموگ ۽ ٻوڏ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيڪي انساني وجود لاءِ خطري جو سبب آهن. اسان اڪيلي سر ان مسئلي کي منهن نٿا ڏئي سگهون. ان لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button