بريڪنگ نيوزسنڌ

باڊهه کي تعلقي جو درجو نه مليو،شهري سراپا احتجاج

باڊهه (ن م) پيپلزپارٽي حڪومت جي مسلسل واعدن جي ڀرمار باوجود 15 سالن کان لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻئي نمبر وڏي تاريخي شهر باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو. باڊهه تعلقا موومينٽ جي جدوجهد 4 سال مڪمل ڪرڻ بعد پنجين سال ۾ داخل ٿي وئي شهرين جا حوصلا پست ٿيڻ بجاءِ هماليا جيان بلند ۽ مضبوط بڻيل سوين شهري هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي روڊن تي نڪري آيا شهر جي مکُ حيدر چوڪ تي ڌرڻو هڻي سنڌ حڪومت خلاف زوردار نعريبازي ڪئي وئي. باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ ٿيندڙ هفتيوار احتجاج جي سلسلي ۾ باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي ۽ ڊپٽي ڪنوينرز زيب علي ساريو ۽ مفتي نصير احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ باڊهه ميڊيا هائوس کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاجي ريلي ۾ باڊهه شهر جي سياسي سماجي علمي ادبي مذهبي ڪاروباري ۽ صحافتي شخصيتن ڪامريڊ دودو ديشي، علي انور عسڪري، نور محمد بليدي، ڪامريڊ اصغر نوناري، فداحسين تنيو، ذوالفقار علي ڪانڌڙو، قاري عثمان جهتيال، مولانا عبدالغفار نوناري، سيد عاشق علي شاهه، مولا بخش ڦلپوٽو، حيدر بخش بروهي، احمد خان زهري، عبدالڪريم بروهي، فيصل بروهي، صاحب خان سومرو، عبدالستار منگي، نور احمد هيسباڻي، طاهر نور هيسباڻي، محمد هاشم مدني سومرو، محمد امين سيال، مور سنڌي، افضل سانڀل، مهراڻ راڄپر، بخشل مگسي، مارڪو عرف ديدار بروهي، جمال خاصخيلي، وقار سنڌي، ڪوڙل ملاح، سرائي سوڍو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪامريڊ علي محمد بروهي، مفتي نصير احمد ڀٽو، زيب علي ساريو ۽ ٻين چيو ته باڊهه واسي گذريل چئن سالن کان باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻجي تتيءِ توڙي ٿڌيءِ روڊن تي نڪتل آهن پر افسوس آهي جو باڊهه جي ووٽ تي ڪاميابي ماڻي اسيمبلين ۾ ويٺل وڏيرن شهرين جي جدوجهد کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندا پئي آيا آهن جنهن مان صاف ظاهر آهي ته کين باڊهه جي ترقي ۽ باڊهه واسين کي ملندڙ سهولتن تي اعتراض آهي. هنن چيو ته ان سموري صورتحال باوجود باڊهه جا باشعور ۽ غيرت مند شهري مايوس نه ٿيا آهن ۽ پنهنجي تحريڪ کي جاري و ساري رکيون پيا اچن ڇو ته باڊهه واسي اهو سمجهن ٿا ته باڊهه جي ترقي صرف ۽ صرف تعلقي جو درجو ملڻ سان منسوب آهي تنهنڪري باڊهه مان چونڊيل حڪمرانن کي گهرجي ته وري به عنقريب چونڊ مهم ۾ کين باڊهه واسين وٽ لڙي اچڻو آهي تنهنڪري وقت اڃا به هٿان نه ويو آهي ۽ ڪوڙن واعدن ۽ ٺلهن دلاسن بجاءِ ترت باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري شهرين مان بيچيني ختم ڪرڻ سان گڏ پنهنجن واعدن کي پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ باڊهه تعلقه جي هي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button