بريڪنگ نيوزقومي

اسٽيٽ بئنڪ 75 روپين جو هڪ ٻيو يادگاري نوٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (بيورو) اسٽيٽ بئنڪ قائم ٿيڻ کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان حڪومت 75 روپين جو يادگاري نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، يادگاري نوٽ جاري ڪرڻ جو مقصد آزاد ملڪ ۾ مرڪزي بئنڪاري جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائڻ آهي، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ قائم ٿيڻ کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي 75 روپين جو يادگاري نوٽ عام ماڻهن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سڀني آفيسن ۽ ڪمرشل بئنڪن جي برانچن ۾ موجود آهي ۽ ان کي هر قسم جي ڏي وٺ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان جي آزادي کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي به اسٽيٽ بئنڪ 75 روپين جي ماليت جو يادگاري نوٽ جاري ڪيو هو پر هن ڀيري جاري ڪيل نوٽ جي ڊيزائن مختلف آهي، جڏهن ته ٻئي ڪرنسي نوٽ عوامي ڏي وٺ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button