بريڪنگ نيوزقومي

نوازشريف ووٽ جي بي عزتي نه ڪري، انتظامي مدد بدران پنهنجي نظريي تي اليڪشن وڙهي: بلاول ڀٽو

ڪوئيٽا (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوازشريف ووٽ جي بي عزتي نه ڪري، ميان صاحب انتظاميا جي مدد بدران پنهنجي نظريي تي اليڪشن وڙهي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته حڪومت ۾ اچڻ جو تاثر ڏيندڙن کي عوام بهترين جواب ڏيندو، 8 فيبروري تي بلوچستان ۾ سٺو سرپرائيز ڏينداسين. بلاول چيو ته حالتون ڪهڙيون به هجن اسان کيڏڻ ڄاڻون ٿا، هر اليڪشن ۾ ڪجهه ماڻهو حڪومت ۾ اچڻ جو تاثر ڏيندا آهن، پاڪستان ۾ نئين سياست آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي بلوچستان ۾ به اليڪشن کٽندي ۽ پنهنجي حڪومت ٺاهيندي، اسان چاهيون ٿا ته سمورا ادارا پنهنجين حدن ۾ رهي ڪم ڪن، ووٽ کي عزت ڏيڻ سان ملڪ وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button