بريڪنگ نيوزقومي

جي ڊي اي پاران عام چونڊون عدالتي ججز جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي ( بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو آهي ته سپھه سالار ئي ملڪ جو مالڪ آهي اھو ملڪ جي بھتري چاھي ٿو، اسان ھر حال ۾ ان سان گڏ آھيون، سڀني کي محب وطن بڻجي ملڪ کي صحيح ٽريڪ تي ھلائڻو پوندو، مونکي نٿو لڳي ته عام چونڊون ھلندڙ سال ٿينديون، ڇاڪاڻ ته تڪبندين ۽ آدمشماري جا معاملا رھيل آھن، ملڪ ۾ جھموريت نالي ماتر آهي ملڪ کي صحيح ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ اسان کي اڳتي اچڻو پوندو، گذريل ڏينھن فنڪشنل ليگ ھائوس ۾ جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائي رھيو ھو، ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي، ڊاڪٽر فھميدا مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سيد زين شاھ، سردار عبدالرحيم، عارف مصطفيٰ جتوئي، سيد جلال محمود شاھ، نند ڪمار گوڪلاڻي، معظم عباسي، خليفو وريام فقير، علي غلام نظاماڻي، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، نسيم راڄپر، عبدالرزاق راھمون، ارشد شر بلوچ، خواجا نويد ۽ ٻيا شامل هئا، اجلاس ۾ موجود جي ڊي اي جي سمورن اسيمبلي ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ مقرر ڪرڻ لاءِ لکت ۾ سمورا اختيار ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ سردار عبدالرحيم تي ٻڌل ٻه رڪني مذاڪراتي ڪميٽي کي ڏنا ڪميٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت سنڌ اسيمبلي ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن سان رابطا ڪندي، سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ته اگر اسان واقعي ملڪ سنڀالي اڳتي وٺي وڃڻ چاھيون ٿا ته اسان کي اھو رستو وٺڻو پوندو جيڪو اسان جي بزرگن ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون، مفت ۾ قيادت ورثي ۾ ناھي ملندي، ايندڙ وقت ۾ نوجوان سوال ڪندا ته ملڪ جو ڪھڙو حشر ڪيو ويو آهي عوام جا جائز بنيادي حق انھن کي سندن دروازي تي مھيا ڪيون، ملڪ ۾ جھموريت نالي ڪا به شئي ناھي، اليڪشن جا نتيجا بنا نوٽيفڪيشن جي قبول نه ھوندا، اسان سڀني کي محب وطن ٿي ملڪ کي صحيح ٽريڪ تي آڻڻو پوندو، اپوزيشن ليڊر جي چونڊ تان اسان ھٿ ناھي کنيو پر اسان وٺ اڪثريت ناھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان وٺ ٽي ئي ميمبر ھئا، اسان پي ٽي آءِ سان گڏ نه ھئاسين ڌار اليڪشن وڙھي ھئي ته پوءِ اتحادي جو سوال ئي نٿو بڻجي، ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد صدر الدين شاهه راشدي چيو ته وزيراعظم جو اميدوار اصل ۾ وڏو زرداري اميدوار آھي ننڍو ته فقط شو پيس آھي، اگر 15 سالن کانپوءِ به پيپلز پارٽي جي مقبوليت ڪمزور نظر اچي ٿي ته پوءِ ان جو مقصد اسان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آهي، نگران حڪومت غير جانبدار ھجي پر ماتحت آفيسر غير جانبدار نٿا ٿي سگھن، اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي اعتراض ناھن پر خدشا آهن، ويھنداسين ته مسئلا سامھون ايندا، ھن چيو ته لڳي نٿو ته اليڪشن 2023 ۾ ٿيندي ڇاڪاڻ ته آدمشماري ۽ تڪبندين جو معاملو ممڪن ناھي، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي تازي چونڊ نشان الاٽ لاءِ چيو آھي، ھن چيو ته اليڪشن مرحلو متنازعه آھي اسان عدليه مان آر اوز مقرر ڪرڻ جا حامي آهيون، ھڪ سال کان ٻوڏ متاثرين دربدر آھن ھاڻي حڪمرانن کي ياد آيا آھن، ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته مھانگائي عروج تي آهي غريب ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي، لوڊشيڊنگ، بجلي مھانگي، معاشي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، اسان ايوانن اندر ۽ ٻاھر آواز اٿاريندا رھنداسين، اليڪشن ريفارمز ڪميٽي تي ڳالھه ٻولھه ٿي آھي پر خدشا آھن چونڊون شفاف ٿيڻ ضروري آھن، جڏھن به اليڪشن ٿئي شفاف ٿيڻ گھرجي، ھن چيو ته آدمشماري ۾ خاميون آھن، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته جنھن صوبي ۾ زرداري جو ٻچو جمورو ھوندو اتي شفاف اليڪشن ٿيڻ ممڪن ناھن، سيد زين شاھ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جو سودو ڪري چڪي آھي، ڊوميسائل ۽ پي آر سي جو شرط ختم ڪرڻ کي سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button