بريڪنگ نيوزسنڌ

بلوچستان پاران سنڌ تي پاڻي چوري جو الزام، خورشيد شاهه طرفان 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي بلوچستان کي ڏيڻ جو اعلان

سکر (رپورٽ: قمر الدين ميراڻي) صوبائي آبپاشي وزير، اسپيڪر ۽ سينيٽرز تي ٻڌل بلوچستان جي وفد الزام هنيو آهي ته بلوچستان جي حصي جو پاڻي سنڌ ۾ چوري ٿي رهيو آهي، پاڻيءَ جي چوري روڪي بلوچستان کي پنهنجو پاڻي ڏيو بلوچستان جي وفد سکر بيراج جو دورو ڪري وفاقي وزير خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي، خورشيد شاهه بلوچستان کي 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سکر ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي ڪا به کوٽ نه آهي، گڊو وٽ به تار پاڻي وهي رهيو آهي هن چيو ته بلوچستان کي 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏينداسين. بلوچستان جي آبپاشي وزير حاجي محمد خان چيو ته 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ تي خورشيد شاهه جا ٿورائتا آهيون. گڙنگ ريگوليٽر ۽ ٻين هنڌن تي پاڻيءَ جي چوري روڪڻ لاءِ ٻنهي صوبن جي گڏيل ڪميٽي به جوڙي وئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button