بريڪنگ نيوزسنڌ

سمورا غيرقانوني پرڏيهي 31 آڪٽوبر تائين پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسي کي يقيني بڻائين: نگران صوبائي گهرو وزير سنڌ

ڪراچي(بيورو )سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي خبردار ڪرڻ آهي ته 31 آڪٽوبر تائين هو پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسي کي يقيني بڻائين. جنهن بعد پهرين نومبر کان غيرقانوني پرڏيهين کي حڪومت حراست ۾ وٺي کين سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليندي. نگران صوبائي گهرو وزير، نگران گهرو ۽ جيلن واري صوبائي وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز خميس ڏينھن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان جي مطابق ملڪ جون سموريون صوبائي حڪومتون ايڪشن وٺي رهيون آهن، جڏهن ته غيرقانوني پرڏيهين جيڪي رضاڪارانه طور تي پنهنجي ملڪ واپس وڃي رهيا آهن انهن کي واپسي جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن، هن واضح ڪيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي خبردار ڪرڻ آهي ته 31 آڪٽوبر تائين هو پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسي کي يقيني بڻائين. جنهن بعد پهرين نومبر کان غيرقانوني پرڏيهين کي حڪومت حراست ۾ وٺي کين سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليندي. نگران صوبائي گهرو وزير چيو ته غيرقانوني پرڏيهين کي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ جا انتظام بهتر انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ ان عمل ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ ٻين کي مناسب طريقي سان واپس سندن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو پر 31 آڪٽوبر جي بعد ڪنهن به غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ۾ رهڻ نه ڏنو ويندو ۽ واپسي کي يقيني بڻايو ويندو. نگران صوبائي گهرو وزير چيو ته توهان وفاقي حڪومت جي پريس ڪانفرنس ضرور ڏٺي هوندي، اها به غيرقانوني پرڏيهين جي ملڪ ۾ واپسي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان هئي ۽ اسان جي اڄ جي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو مقصد اهوئي ٻڌائڻ آهي ته نومبر کان غيرقانوني پرڏيهين کي ان کي پنهنجي ملڪن ۾ موڪلڻ لاءِ سنڌ جي نگران صوبائي حڪومت پڻ موثر پلان جوڙي ورتو آهي، پهرين نومبر کان صوبي ۾ رهندڙ سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، ان دوران عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جي احترام جو خاص خيال رکيو ويندو. هن چيو ته هن وقت تائين لڳ ڀڳ 2 لک کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن واضح ڪيو ته غيرقانوني پرڏيهين کي پناهه ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ نادرا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مڪمل سهڪار حاصل ڪيو پيو وڃي. سمورن غيرقانوني غير پرڏيهين جي خلاف بنا ڪنهن فرق ۽ مؤثر طريقي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي واپس سندن اصلي ملڪ واپس موڪليو ويندو. نگران صوبائي گهرو وزير چيو ته پاڪستان حڪومت غير قانوني پرڏيهين جا جعلي شناختي ڪارڊ ۽ جعلي دستاويز ٺاهيندڙن خلاف به سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.بريگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته غير قانوني پرڏيهين کي هٽائڻ لاءِ اعليٰ اختيارين ۽ ٻين معززين کان مدد ورتي ويندي ۽ کين باعزت طريقي سان سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو ويندو، هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته ميڊيا به ان سلسلي ۾ اسان جي رهنمائي ۽ مدد ڪندي. ڪچي ۾ آپريشن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نگران صوبائي گهرو وزير چيو ته ڪچي ۾ مڪمل ۽ موثر آپريشن جاري آهي، جلد سٺيون خبرون ملنديون. هن چيو ته مان چتاءُ ڏيان ٿو ته اغوا، ڀنگ، ڦر ۽ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن جي سهولتڪارن کي بخشيو نه ويندو.هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ غير قانوني پرڏيهي به ملوث رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اغوا ٿيل پوليس اهلڪارن کي بروقت بازياب ڪرايو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي فيصلن تي سمورن صوبن تي مڪمل عمل ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.هن چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ٻارن کي تفريحي طور تي منشيات جهڙي شينِ جي استعمال کان به روڪين ته جيئن ٻار ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان محفوظ رهن.هن چيو ته غيرقانوني ڪو به پرڏيهي ڪنهن به ملڪ جا هجن، انهن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن ماڻهن کي جعلي دستاويز فراهم ڪرڻ وارن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته غير قانوني پرڏيهين کي مڪمل حفاظت ۽ سٺي طريقي سان واپس سندن ملڪن ۾ واپس موڪليو ويندو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button