سنڌ

روهڙي ۾ جاگيراڻي برادري جي عورتن جو پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو

روهڙي (ن م) روهڙي ۾ جاگيراڻي برادري جي عورتن جو قرآن پاڪ ھٿن ۾ کڻي معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو انصاف ۽ تحفظ جي گهر، تفصيل موجب روهڙي جي ڳوٺ بيگو جاگيراڻي جي رھواسين گل بھار جاگيراڻي، مسمات حنيفان ۽ مسمات عالما جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ عورتن قرآن پاڪ ھٿن ۾ کڻي معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته سکر پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي ڪورٽ سڳوري ۾ حاضري لاءِ ويل الله وڌايو جاگيراڻي ۽ حاجي عبدالسميع جاگيراڻي، کي بيگناھ پوليس ڪورٽ ٻاهران کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، مظاھرين چيو ته 15 ڏينهن اڳ به پوليس الله وڌايو جاگيراڻي ۽ پنھل جاگيراڻي کي کنڀي کڻي وئي هئي جنهن کان پوءِ  پوليس پنھل کي ماري ڇڏيو، جاگيراڻي برادري جي سخت احتجاج کان پوءِ پنھل جو لاش ۽ ﷲ وڌائي کي آزاد ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ حاضري لاءِ ڪورٽ سڳوري ويو هو ته پوليس ٻيھر ٻن ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي اسان کي خدشو آهي ته پوليس اسان جا ماڻهو بيگناھ پوليس مقابلو ڏيکاري ماري نه ڇڏي، مظاھرو ڪندڙ عورتن اعليٰ عدليا، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button