بريڪنگ نيوزسنڌ

پيروسڻ ۾ پيپلز هاري ڪميٽي جو ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف احتجاج

پيروسڻ (ن م) پيروسڻ ۾ پيپلز ھاري ڪاميٽي تعلقي ٺري ميرواھ جي صدر فقير علي گوهر شر ۽ ٻين آبادگارن پاران ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ضلعي جي ٻين شھرن جيان پيروسڻ ۾ به کاڌ جو بحران ختم ٿي نه سگهيو جنهن سبب آبادگار سخت پريشانين ۾ ورتل آھن ان سلسلي م آبادگارن هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ فقير علي گوهر شر ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته کاڌ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن کي هٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي جيڪو هارين ۽ آبادگارن سان سراسر ظلم آھي، هنن جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن وقت سر کاڌ نه ملي ته ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري نقصان پهچي سگهي ٿو، منافعي  خور واپارين آبادگارن کي سرڪار پاران مقرر ڪيل ريٽ کان به وڌيڪ ريٽ ۾ وڪرو ڪري رهيا آھن منافعي خور واپارين يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪري رهيا آھن جڏھن ته آبادگارن جي پوکيل ڪڻڪ جي فصل کي پهرين پاڻي سان ڀاڻ ڏيڻ به وڏو مسئلو ٿي ويو آھي ته پوءِ ٻين پاڻين تي فصل کي پاڻي ڪيئن ڏئي سگهنداسين، هنن چيو ته هن ڀيري ڪڻڪ جو فصل ڀاڻ جي کوٽ سبب سٺو نه لهي سگهندو ۽ وڏي کوٽ ڏئي ۽ تمام گهٽ اپت سان لهندو ۽ آبادگارن جا ڪيل خرچ به نه لهندا، هنن ڊپٽي ڪمشنر خيرپورميرس ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته کاڌ جو بحران ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو وڌايو ويندو.7

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button