سنڌ

دوڙ ڀرسان موٽرسائيڪل ڦر ڪندي فرار ٿيندڙ ٻه ڦورو سوگها

دوڙ (ن م)گذريل ڏينهن دوڙ ڀرسان اوپن فاٽڪ وٽ موٽرسائٔيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ڦورن جو موٽرسائٔيڪل مالڪن  پيڇو ڪريڪيلي جي فصل ۾ لڪل ٻن ڦورن کي سوگھو ڪري مارڪٽ ڪرڻ بعد دوڙ پولس حوالي ڪيو بعد ۾ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي دوڙ مھراڻ ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو سندن جو چوڻ ھو ته علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي پوليس ڏوھارين خلاف ڪوبه قدم نه ٿي کڻي ٻن ڪلاڪن  تائٔين روڊ بند ھجڻ ڪري روڊ جي ٻنھي طرف کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون بعد ۾ ڊي ايس پي دوڙ مظاھرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو دوڙ ٿاڻي تي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته جوابدارن خلاف جاچ جاري آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button