بريڪنگ نيوزقومي

پنهنجي اولاد خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏياريو، فضول خرچي کان پاسو ڪريو، زمينداري سان گڏ چوپايو مال ڌاريو : اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: عبدالفتاح خلجي) حُر جماعت جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي سربراهه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل لکين حُر جماعت ۽ عقيدتمندن کي زيارت جو شرف بخشي روحاني خطاب سان فيضياب ڪيو. پنهنجي روحاني خطاب ۾ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا  حُر جماعت ۽ عقيدتمندن کي هدايت ۽ تلقين ڪندي فرمايو ته موسمي تبديليءَ جي ڪري سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، خبر نه ٿي پوي ته ڪھڙي مھيني ۾ ڪھڙو فصل پوکڻو آھي، ننڍو آبادگار سخت مشڪلاتن ۾ آھي، زمينداريءَ سان گڏ چوپايو مال به ڌاريو جنھن ۾ برڪت آھي، برسات جي ڪابه خبر نه ٿي پوي الله پاڪ جيڪا به برسات ڪري رحمت جي ڪري زحمت کان پنھنجي پناھ ۾ رکي. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا فرمايو ته پنھنجي گھرن ۽ اوطاقن ٻاھران وڻ پوکيو، جنھن سان موسم ۽ ماحوليات ۾ بھتري اچي سگھي ٿي. اگر فاريسٽ وارن جي آسري رکنداسين ته انھن کان ايترو ڪجھه نه ٿي سگھندو، مھانگائي ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي تنھن ڪري فضول خرچن کان پاسو ڪريو، پنھنجي اولاد خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏياريو، اڄڪلھه تعليم آھي ته سڀ ڪجھه آھي ۽ پنھنجي اولاد جي تربيت تي خاص توجهه ڏيو ته جيئن بري صحبت کان بچي سگھن،  اگر غلط صحبت ۾ اچي ويا ته ان مان ڪڍڻ مشڪل ٿي ويندو. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا  فرمايو ته پنھنجي ننڍن ٻارن جي ذھنن ۾ اھا ڳالھه ھاڻي کان سمجھايو ۽ سيکاريو ته فوج اسان مان آھي ۽ اسان فوج مان آھيون فوج ۽ اسان ھڪ ٻئي کان پري نه ٿا ٿي سگھون. جيڪڏھن فوج نه ھجي ھا ته دھشتگردي به ختم نه ٿئي ھا توھان اسان رات جو سڪون جي ننڊ نه سمھي سگھون ھا.  الله پاڪ پنھنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي فوج کي توفيق ۽ ھمت عطا ڪري جو ھو اسان جي ملڪ ۽ اسان جي وڌيڪ بھتر نموني حفاظت ڪري سگھي.  اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا فرمايو ته فارغ وقت ۾ صلوات شريف ۽ درود شريف جو ورد ڪندا ڪريو. جڏھن توھان درود شريف جو ورد ڪريو ٿا ته توھان سان گڏ فرشتا به پڙھن ٿا. سلسله قادريه جو مليل ذِڪر الاھي ڪثرت سان ڪريو ۽ پوءِ پاڪستان، ۽ درگاھ شريف جي ترقي خوشحالي ۽ سلامتيءَ لاءِ دعائون گھرندا ڪريو ڇو ته پاڪستان آھي ته اسان آھيون پاڪستان آھي ته  اسان سڀني جي عزت آھي. آخر ۾ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ملڪ قوم، خانقاھ پيران پاڳاران، حُر جماعت عقيدتمندن ۽ امت مسلمه جي ترقي خوشحالي ۽ سلامتيءَ لاءِ اجتماعي دعا پڻ گھري.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button