بريڪنگ نيوزقومي

بلوچستان ۾ دهشتگردن جي ٻن ڌار ڌار حملن ۾ سانگهڙ واسي ميجر سميت 6 اهلڪار شهيد، حملو ڪندڙ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا/ سانگهڙ  (اين اين آءِ/ ت ر) بلوچستان جي ضلعي شيراني جي علائقي ڌاناسر ۾ دهشتگردن جي حملي کان پوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايف سي جو هڪ ٻيو آفيسر ۽ پوليس جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويوڊپٽي ڪمشنر بلال شبير ٻڌايو ته آچر جي رات 12 لڳي پنج منٽن تي نامعلوم دهشتگردن شيراني ضلعي جي علائقي ڌاناسر ۾ پوليس اسٽيشن ۽ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا هن ٻڌايو ته زخمي دهشتگردن کي سندن ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڌاناسر ۽ بين علائقن ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي بلال شبير ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيو جنهن جي حالت خطري کان باهر آهي ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته شهيد اهلڪارن جا مڙهه ڊسٽرڪٽ هيلٿ هيڊڪوارٽر زوب منتقل ڪيا ويا جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد جي لاش کي سي ٽي ڊي جي حوالي ڪيو ويو ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي سڃاڻپ سب انسپيڪٽر بهادر خان، سپاهي محمد افضل ۽ سپاهي محمد باز خان سپاهي ايف سي (گن مين) ڪئپٽن سعيد جي نالي سان ٿي جن جا لاش دسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال زوب منتقل ڪيا ويا.

جڏهن ته تربت واري علائقي ۾ گشت دوران دهشتگردن جو حملو ميجر ثاقب حسين باجوه، لانس نائيڪ باقر لاکير شهيد، لائنز نائيڪ عمر زخمي سانگهڙ سان تعلق رکندڙ ميجر ثاقب حسين باجوه تربت جي سرحدي علائقي ۾ گشت دوران دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. ميجر ثاقب حسين باجوا 2013ع ۾ پاڪ فوج ۾ سب ليفٽيننٽ طور شامل ٿيو، ميجر ثاقب حسين باجوا پرائمري تعليم ميٽرڪ ملٽري فائونڊيشن اسڪول سانگهڙ مان حاصل ڪئي.  مارچ 2023 تي شادي ڪئي  ميجر ثاقب حسين جو والد محمد يوسف باجوا پاڪ فوج مان رٽائرڊ پينشنر آهي. شهيد ميجر ثاقب حسين باجوه جو ڀاءُ محمد عاطف باجوه جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم آهي،  ميجر ثاقب حسين باجوه جو تعلق پنج سگنلز سان هو جڏهن ته ڊيپوٽيشن تي ايف سي جي ڪمانڊ تي هو. شهيد جي جنازي نماز سومر ڏينهن صبح 9 وڳي پوليس لائن شهيد لال خان غوري گرائونڊ ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته تدفين اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. شهيد ميجر ثاقب حسين باجوه جي وارثن ۽ دوستن وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيد ميجر ثاقب حسين باجوه قوم جي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير دفاع، سيد مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ۽ ٻين دهشتگرد حملي واقعي جي سخت مذمت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button