بريڪنگ نيوزسنڌ

ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون پوري پاڪستان ۽ خطي جي اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم قدم آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر سان گڏ ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ ڇنڇر ڏينهن منجهند جو 12 وڳي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سائيٽ تي سي پيڪ جي هن عظيم الشان منصوبي جي ترقياتي ڪم جي شروعات ڪندا.هن چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون پاڪ چين اقتصادي راهداري جو ترجيحي منصوبو آهي ۽ ڌاٻيجي زون جو افتتاح هڪ خاص موقعو آهي، اهو موقعو پوري پاڪستان ۽ خطي جي اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم قدم آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت 15 جولاءِ تي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جو افتتاح ڪري رهي آهي ڪو به سيڙپڪار جيڪو هن زون ۾ ڪاروبار شروع ڪندو، ان کي ڏهن سالن تائين ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني ويندي ۽ درآمد ڪيل ڪنهن به مشينري تي ڪا به ڊيوٽي نه لڳندي. هن علائقي ۾ لکين نوجوانن کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح روزگار ملندو.هن علائقي ۾ سيڙپڪاري جا سونهري موقعا آهن.ٿرڪول ۾ ڪيترين ئي سيڙپڪار ڪمپنين سيڙپڪاري ڪئي آهي، اهڙي طرح هي زون سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي وڏي پيماني تي راغب ڪندو.هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير صوبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا اجاگر ڪرڻ لاءِ پڻ پروگرام ڪري رهيو آهي ته جيئن صوبي ۾ سيڙپڪاري جا شعبا سيڙپڪارن جي سامهون رکي سگهجن ۽ واپاري ۽ سيڙپڪار اڳتي وڌي انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر چيو ته ملڪ ۾ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيون.هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو شاندار موقعن جو حامل زون اڃا تائين ناهي ٺهيو جيئن ڌاٻيجي زون آهي هن چيو ته سي پيڪ منصوبو ان ڪري آهي ڇو ته چين هن جڳهه کي پنهنجي علائقي مان ويجهن صنعتن جي منتقلي لاءِ مناسب سمجهيو آهي.هن چيو ته ڌاٻيجي زون ۾ هڪ ٻيو اهم عنصر هن زون ۾ ماحول دوست ۽ متبادل ذريعن مان سستي ۽ بنا رڪاوٽ توانائي فراهم ڪئي وڃي.هن زون ۾ گئس ۽ پاڻي جي فراهمي جو مڪمل طور تي انتظام آهي. هي زون پاڪستان جي معاشي تقدير بدلائي ڇڏيندو.اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هي زونڪامياب ترين اقتصادي اڪنامڪ زون ثابت ٿئي.هن چيو ته شروعاتي طور تي ڏيڍ لک روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا.ڌاٻيجي زون جاگرافيائي روٽ تي واقع آهي.هي زون ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.زون ۾ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو.ان موقعي تي سنڌ اڪنامڪ زون مينيجمينٽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عبدالعظيم عقيلي، ڌاٻيجي زون جي ڊيولپر مهابت خان ۽ سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ جي سربراهه اسد ضامن پڻ خطاب ڪيو.اسدضامنٻڌايو ته پيپلز پارٽي ون يونٽ وڌيڪ منصوبا کڻي اچي رهيو آهي.صحافين جي هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سيڙپڪار هن زون ۾ اچڻ لاءِ اڳ ئي رابطي ۾ آهي.هن چيو ته لڳڀڳ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان ۾ ننڍين، وچولي ۽ وڏين سائزنجون صنعتون لڳنديون.بڪنگٻن مهينن ۾ شروع ڪئي ويندي.ترقياتيڪم 18 مهينن ۾ مڪملڪيا ويندا.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان منصوبي ۾ سئو سيڪڙو سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. هي هڪ ماڊل منصوبو هوندو.ايس اي زيڊ ايم سي (SEZMC) ڪمپني جي ضابطن موجب، هن زون ۾ زمين صرف سيڙپڪاري ڪمپنين کي ڏني ويندي.هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ شاندار منصوبو هوندو، هي منصوبو 1500 ايڪڙ کان 15000 ايڪڙ تائين وڃي سگهي ٿو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button