بريڪنگ نيوزسنڌ

آصف زرداري ڦٽي جو سرڪاري اگهه نه ملڻ جو نوٽيس ورتو،آبادگارن کي سندن حق ڏيڻ جي هدايت

نئون ديرو(ن خ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڦٽيءَ جي آبادگارن کي فصل جو مقرر اگهه نه ملڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کي اهم هدايت ڪري ڇڏي، آصف زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته آبادگارن کي وفاقي سرڪار پاران ڦٽيءَ جو مقرر ڪيل اگهه ساڍا 8 هزار روپيا نه پيو ملي، هن چيو ته  وفاقي حڪومت ڦٽيءَ جي آبادگارن کي فصل جو مقرر ڪيل اگهه ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي، ڦٽيءَ جي آبادگارن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته سنڌ سرڪار کي به چوان ٿو ته ڦٽيءَ جي آبادگارن کي سندن جائز حق ڏياريو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button