بريڪنگ نيوزقومي

حۡڪومت وزيراعظم جي ويزن مطابق سي پيڪ رٿائن کي هٿي ڏيئي رهي آهي:احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن مطابق سي پيڪ جي رٿائن کي هٿي ڏئي رهي آهي سي پيڪ 2014 کان 2030 تائين جو وڏو منصوبو آهي بنيادي سرشتو، توانائي، گوادر جي پورٽ جي ترقي، صنعتي تعاون شامل آهي بحريه يونيورسٽي ۾ ڪوٺايل سي پيڪ سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته 10 سال اڳ 5 جولاءِ 2013 تي جنهن رٿا جي شروعات ڪئي هئي اڄ ان سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن کي روزگار جا موقعا، رستن، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار کي تيز ڪيو پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي ڊگهي نظر سبب سي پيڪ وڏي ترقي ڪئي چيني صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي دوري ۾ گوادر، توانائي ۽ صنعتي ترقي تي اتفاق ٿيو سي پيڪ رٿائن جي روشني ۾ 11 ورڪنگ گروپ قائم آهن هن چيو ته گوادر پورٽ جي تعمير ۽ ترقي ۾ خاص ڪاميابيون مليون اڄ پورٽ مڪمل فعال آهي، گوادر هوائي اڏو، اسپتال، سامونڊي پاڻي کي پيئڻ جي قابل بڻائڻ جو پلانٽ ۽ ٻيا منصوبا به تعمير ٿيا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button