بريڪنگ نيوزسنڌ

ورڪشاپ ۾ هارين جو زميندار خلاف احتجاج

ورڪشاپ (ن م) منڍ جمڙائو لڳ معشوق مري جا هارين سان ڪلور  جڏھن ته هاري محمد عثمان ڀٽي . امداد علي ڀٽي عورتن۽ ٻارڙن سان گڏجي احتجاج بااثر زميندار خلاف دانهيندي ٻڌايو ته اسان معشوق مري جا هاري آھيون اسان جو ڪڻڪ جو فصل جيئن ئي لٿو هيو ته زميندار معشوق مري اسان جي سموري ڪڻڪ کڻائي ويو اسان پنهنجي ٻچن جي کائڻ لا ان گهريو جنهن تي اسان کي زميندار چيو ته اوهان کي آخر ۾ ڏيندس جڏھن سموري ڪڻڪ ٽراليو ڀرائي کڻي ويو ته ست مينھون به زوري ڪاھي ويو پو به اسان کي دهمان داٻا ڏيڻ لڳو ته ڪير به ڪنهن کي ڪجھ نه ٻڌائي جيڪڏھن ڪنهن به منهنجي خلاف ڪٿي به دانهيو ته انهي کي مان زنده نه ڇڏيندس زميندار معشوق مري جو هارين کي داٻو.جڏھن ته احتجاج ڪندڙن ۾ عثمان بٽي ۽ راڄا خاتون زھرا عمران بٽي پڻ اهو ٻڌايو ته  اسان لا ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آھي مقامي پوليس به ظالم وڏيري جي ونگارو بڻيل آھي اسان شھر گهر جو سامان وٺڻ نٿا وڃي سگهون ڇو ته الٽو پوليس اسان کي ڳوليندي ٿي وتي.ٻي طرف وڏيري معشوق مري اهو به چيو آھي ته منهنجي خلاف ڪٿي به ميڊيا تي ويندئو ته مان اوهان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اوهان زليل ڪندس پوليس منهنجي آھي جيئن مان چاهيندس تيئن ئي ٿيندو اوهان خاموش ٿي ويهي رهو .جڏھن ته متاثر هارين پڻ اهو ٻڌايو ته اسان جي 160 مڻ ڪڻڪ ٿي هئي جيڪا سموري  وڏيرو کڻي ويو آھي وري الٽو اسان کي پوليس کان حراسان ڪرائي خاموش پيو ڪرائي اسان مسڪين ڪنهن کي دانهن ڏيون .هنن ايس.ايس.پي شھيد بينظيرآباد .ڊي.آ جي شھيد بينظير آباد ۽ آ.جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان پڻ نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. ٻئي طرف الزام ھيڊ آيل زميندار معشوق مري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھي اسان جو ڪمدار رھيو آھي ھن اسان جون چوريون ڪيو ھيون جھن جو فيصلو پير آف راڻيپور ظھور احمد شاھ جيلاني ڪيو ھيو ۽ جھن ۾ ڏوھي صابت ٿيو ھاڻي ڪوڙا ڊرامان ڪري اسان کي بدنام پيو ڪري.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button