اڄوڪي اخبارسنڌ

گهوٽڪي ۾ قبيلائي جهيڙن ۽ وڌندڙبدامني خلاف شهرين جو ڪاروبار بند ڪرائي احتجاج

گهوٽڪي(امان الله چارڻ)گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف هزارين شهري پنهنجو ڪاروبار بند ڪري روڊن تي نڪري آيا، شهري اتحاد گهوٽڪي جي سڏ تي بدامني خلاف چيئرمين رئيس الله وسايو گھوٽو، وائيس چيئرمين لالا قيصر زمان پٺاڻ، وجي ڪمار موٽواڻي، محمد اعظم چاچڙ، رئوف پارس دايو، ايڊووڪيٽ لعل بخش گھوٽو، نصرالله ڪلادي، مجيب الرحمان ڪلوڙ، محمد حسن چاچڙ، عبدالغفار گڏاڻي، محمد اسلم حيدري، عبدالشڪور چاچڙ، آغا نادر پٺاڻ، مولانا الھڏنو چنا، بيشم لعل، چندر لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب کان اي سيڪشن ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته گھوٽڪي ضلعي اندر بدامني جي باھ سبب قتل، اغوا، ڦر ۽ چوري جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آھي، ڏوھاري سرعام وارداتون ڪري وڃن ٿا پر پوليس ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آھي، اڳواڻن چيو ته شهري هاڻي پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهن، گهوٽڪي شهر جو ڪاروبار بدامني سبب تباهه ٿي رهيو آهي، عدم تحفظ سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن، ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير حسين تنيو امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آھي، مظاھرين وس وارين اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪيو وڃي. هوڏانهن شهري اتحاد جي سڏ تي گهوٽڪي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي سموري شهر جا ننڍا توڙي وڏا ڪاروباري مرڪز پڻ بند رهيا، جڏهن ته امن امان جي مسئلن تي آچر 16 جولاءِ تي آل پارٽيز ڪانفرنس پڻ طلب ڪئي وئي آھي.1

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button