اڄوڪي اخبارسنڌ

سکر جي گتا فيڪٽري ۾ مزدورن وچ ۾ جهيڙو،هڪ پورهيت قتل،لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ويو

سکر(رپورٽ: قمرالدين ميراڻي)سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد شاھين گيھ مل ويجھو گتا فيڪٽري ۾ ٻن مزدورن وچ ۾ موٽرسائيڪل ڪاھي وڃڻ جي معمولي ڳالھ تان جيھڙو ٿي پيو جيھڙي دوران جوابدار مزدور ڪاوڙ ۾ اچي 28 سالا نوجوان محمد نواز پٽ جاڙو خاصخيلي  خيرپور جي علائقي جي رھواسي نوجوان کي  کٽ جي پائي سان رسن سان ٻڌي سخت تشدد ڪيو جنھن بعد فيڪٽري ۾ پيل پاٺي وارا  گتا مٿان رکي پيٽرول ھاري باھ ڏئي ساڙي ڪوئلو ڪري ڇڏيو واقعي جي اطلاع تي حد سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس پھچي باھه سان  سڙي ويل مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي  جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جنھن اعتراف پڻ ڪيو آھي ته موٽرسائيڪل بنا اجازت جي ڪاھي وڃڻ واري ڳالهھ تان ٻنھين وچ ۾ جيھڙو ٿيو ڏنڊا ھڻي زخمي ڪرڻ بعد باھه ڏني، نوجوان کي باھه ڏئي ساڙي ماريندڙ جوابدار فيڪٽري ملازم مراد علي پٽ برڪت علي مري کي پوليس گرفتار ڪري  ورتو نوچوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر پھچايو  پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو جن لاش خيرپور واري آباڻي ڳوٺ کڻائي ويا پوليس مطابق نوجوان فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندو ھو جنھن سان ٻئي مزدور جوابدار ساڙي ماريو آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button