بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو باگو ڀرسان پاڻي جي تلاءَ ۾ وهنجندي 3 ڀائر ٻڏي فوت

ٽنڊوباگو (يوسف ملاح) ٽنڊوباگو تلھار روڊ تع چانري اسٽاپ ڀرسان ٽي سڳا ڀائر پاڻي جي تلاءُ ۾ وهنجندي ٻُڏي فوت ٿي ويا. گهر ۾ قيامت برپا. ٽنڊوباگو تلهار روڊ تي بس اسٽاپ چانري ڀرسان توفيق احمد ميمڻ جا ٽي معصوم پٽ 10 سالن جو سمران، 8 سالن جو شاهجهان ۽ 6 سالن جو سمير ميمڻ  پاڻي جي تلاءُ ۾ وهنجندي ٻُڏي فوت ٿي ويا. معصوم ٻارڙن کي وارثن پاران سول اسپتال تلهار نيو ويو جتي ڊاڪٽرن ٻارڙن جي فوت هجڻ جي تصديق ڪئي. جنهن کانپوءِ فوت ٿي ويل ٻارڙن جا لاش چانري ۾ آندا ويا. جڏهن ته هڪ ئي گهر جا ٽي گلڙا ٽڙڻ کان اڳ ۾ ڪومائجي وڃڻ تي ماحول سوڳوار بڻجي ويو آهي ۽ ھر طرف اک آلي هئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button