بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد سٽي ٿاڻي جي حد جي گهر مان آمريڪا مان مائٽن سان ملڻ لاءِ آيل نوجوان ڊاڪٽر جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

حيدرآباد (جي ايم چانڊيو) حيدرآباد جي سٽي ٿاڻي جي حد گھر مان آمريڪا کان پاڪستان آيل ڊاڪٽر جو مبينه ڦاھو کاڌل لاش ھٿ. شاھي بازار واري علائقي ويجھو گھر مان 40 ورھين جي ڊاڪٽر ڪاشف شيخ جو ڦاھو کاڌل لاش مليو، پوليس موجب فوتي جي امڙ جي اطلاع تي سٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوليس تحويل ۾ ڪري پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال منتقل ڪيو، فوتي جي ڀاء وقاص شيخ جو چوڻ ھو ته فوتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽر ھو ۽ ھو 4 مھينا اڳ پاڪستان گھروارن سان ملڻ لاء آيل ھو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي آمريڪا ۾ دماغ جو ڊاڪٽر ھو ۽ غير شادي شده ھو، فوتي جي ڀاء وقاص شيخ جو چوڻ ھو ته ڳالهھ سمجهھ کان ٻاھر آھي ته ڀاءُ ڇو آپگھات ڪيو. سٽي پوليس جو چوڻ ھو ته پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آھي، وڌيڪ حقيقتون رپورٽ سامھون اچڻ بعد سامھون اينديون، سٽي پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، فوتي جي گھر ۾ ڪھرام متل.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button