بريڪنگ نيوزسنڌ

چونڊڪو ڀرسان زمين جي معاملي تي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، ڀاڻيجن ھٿان ھڪ مامو قتل، ٻيو زخمي

نارو (محمديونس مڱريو) سوراھ ٿاڻي جي حد چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ سائدو ۾ ٽي ايڪڙ زمين جي معملي تي جھانگلي پنجاپي جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ۾ ڀڻيجن ھٿان ھڪ مامو غلام نبي جھانگلي پنجاپي  قتل ٻيو فيصل جھانگلي پنجاپي سخت زخمي ٿي پيووارث زخمي  کي علاج لاء ۽ فوتي جو لاش پوسٽ مارڊم لاء چونڊڪو اسپتال کڻي پھتا سوراھ پوليس اطلاع تي چونڊڪو اسپتال پھچي فوتي جولاش پوسٽ مارڊم بعدلاش وارثن حوالي ڪيو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو ان سلسلي ۾ فوتي جي ڀائرن سليمان ۽غلام رسول پنجاپي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان پنھنجي زمين ۾ ڪم ڪري رھيا ھئا سين ته مٿين جوابدارن ابراھيم غلام قاسم غلام اصغر اڪبر ياسرجھانگلي پنجاپي اسان جي ڀاء غلام نبي ۽ فيصل مٿان سڌي فائرنگ ڪري غلام نبي کي قتل ڪري فيصل کي سخت زخمي ڪيو آھي جڏھن ته زمين جو فيصلو به ٿيل آھي ۽ فيصلي مطابق ماپ به ٿيل آھي سوراھ پوليس کي سڀ خبر آھي ماپ ۾ گڏ ھئي ان جي باوجو به ھنن بنا جواز جي اسان جو نوجوان مڙس قتل ڪري ٻيو سخت زخمي ڪيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف سوراھ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاء ڳوٺ سائدو رواني ٿي وئي  ٻئي طرف سوراھ ٿاڻي جي ھيڊ محرر گل حسن سوڍڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس جوابدارن جي گرفتارن لاء وئي آھي باقي فوتي جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪندا سين ٻئي طرف جوابدار ڌر سان رابطو نه ٿي سگھيو

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button