بريڪنگ نيوزسنڌ

جيڪب آباد جي ٻوڏ متاثر خاندانن کي پلاٽن جون سندون ۽ فنڊ ڏيڻ جي تقريب

جيڪب آباد (پ ر) جيڪب آباد ضلعي ۾ 2022 جي برساتن ۾ ٻوڏ متاثرخاندانن کي خوشحال بڻائڻ ۽ سنڌ سان محبت جي اعتراف طور سنڌ ڳوٺ آباد (هائوسنگ اسڪيم) ايڪٽ 1987ع تحت رهائشي پلاٽ جون سندون ۽ ساڻ گھر ٺھرائڻ لاءِ فنڊز جي تقريب جناب ڪمشنر لاڙڪاڻو گنهور لغاري صاحب، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد محمد يوسف شيخ ۽ مير لياقت علي خان لاشاري صدر پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪب آباد، صدر ليڊيز ونگ ڊاڪٽر فرخنده ، جنرل سيڪريٽري پي پي پي جيڪب آباد عارب دايو۽ ٻين پاران سنڌ حڪومت جي هدايت موجب متاثر ٿيل علائقي ويجهو مالڪاڻا حق ۽ گھر ٺھرائڻ جي فنڊز جي سلسلي ۾ پهرين فيز ۾ متاثر ٿيل ۵۰۰ عورتن ۽ مردن ۾ ڳوٺ آباد جون سندون ورهايون ويون. متاثر ٿيلن منجھان عورتن پنھنجا خيال ونڊيندي سنڌ حڪومت، ضلعي انتطاميه ۽ پوٽيڪل قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. مسمات رخسانا ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ چيف منسٽر مراد علي شاھ ھنن جي رليف ڪئمپ ۾ آيو ۽ اسان سان گھر ٺھرائڻ ۽ گھر جي مالڪاڻي حق جو واعدو ڪيو اڄ اھو واعدو سنڌ حڪومت ۽ نوجوان قيادت جناب بلاول ڀٽو زرداري پورو ڪيو آهي. جنھن لاءِ اسين عورتون شڪر گذار آهيون. ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر تقريب دوران ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جو هي ٻيو تاريخ ساز فيصلو آهي جو بي گهر ٻوڏ ستايلن لاءِ گهر جي اڏاوات جي رقم جي فراهمي سان گڏوگڏ مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهن. هنن وڌيڪ چيو ته پهرين فيز ۾ جيڪب آباد ضلعي جي 500 کا وڌيڪ خاندانن کي مالڪاڻا هڪ ڏئي نوان گهر تعمير ڪرڻ جو آغاز ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن پاران سنڌ حڪومت جي اهڙي شاندار ڪمن جي واکاڻ ڪئي ۽ ساراهيو پڻ ويو.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button